سيٺارجا(الطاف حسين ڀٽو)علي بحر واهه مان نڪرندڙ ڪوٻري شاخ جي آبادگارن جو انگريزن جي دور ۾ ٺهيل شاخ ۾ لڳل دڪو ختم ڪرڻ ۽ واٽر ڪورسن کي صحيح پاڻي جي ماپ نه ڏيڻ خلاف ايس ڊي او ايريگيشن، انجنيئر خلاف احتجاجي مظاهرو، قانون موجب زمينن جي سطح مطابق ماپ ڏني وڃي آبادگارن جي احتجاجي ڪئمپ قائم، پاڻي جي ورڇ صحيح نه ملڻ تائين ڪئمپ جاري رکڻ جو اعلان تفصيلي خبر موجب علي بحر واهه ۾ نڪرندڙ ڪوٻري شاخ جي آبادگارن پاران انگريزن جي دور جو قائم شاخ ۾ لڳل دڪو ختم ڪرڻ ۽ پاڻي واٽر ڪورسن ۽ زمين تي نه پهچڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ۽ ڪئمپ قائم ڪري ورتي ان موقعي تي مظاهرين ظهور احمد ويسر، عبدالڪريم شنباڻي فرزند لُنڊ، لياقت سهتو، محمد موسي، نياز شنباڻي عبدالحڪيم شنباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس ڊي او ايريگيشن نبي بخش لغاري ۽ ايريگيشن انتظاميه خلاف سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي هنن چيو ته ايس ڊي او ايريگيشن پڇڙي جي بااثر آبادگارن کان ڳري رشوت وٺي اسانجي شاخ تي لڳل انگريزن جي دور کان دڪو پٽرائي رهيو آهي جيڪا اسان سان سراسر ناانصافي آهي شاخ هيٺ هجڻ ۽ واٽر ڪورسن وسيلي زمينن تي پاڻي نه پهچڻ سبب جي ڪري ايريگيشن جي ماهرن اهيو دڪو لڳرايو هيو جنهن سان هزارين ايڪڙ زمين نهري پاڻي وسيلي آباد ٿيندي هئي پر ايس ڊي او ايريگيشن ان دڪي کي پٽرائي هزارين ايڪڙ زمين کي غير آباد ڪرڻ چاهي ٿو جڏهن تہ شاخ جو پاڻي ڳري رشوت وٺي بااثرن حوالي ڪري رهيو آهي هنن چيو ته نئين شاخ جي تعمير ڪري ٽيڪنيڪل ورڪ جي مطابق سلوپ ناهي ڏنو ويو، واهه جو سلوپ غير قابوني طور تي هيٺ ڪيوويو آهي زمين ۽ واهه جي ٻاهرين تاپ سطح تي برابر آهي جنهن ڪري اها سراسر غلط ۽ غير قانوني آهي واٽر ڪورسن جا جيڪي مانڊول ٺاهيل آهي اهي واهه جي ڦل سپلاءِ ۽ ليول ٻئي برابر آهن جنهن ڪري مانڊول ۾ پاڻي بلڪل نه ويندو جنهن ڪري اسان جا هزارين ايڪڙ فصل تباهه ٿي ويندا هنن چيو ته بااثر ايس ڊي او خلاف ڪاروائي ڪري کيس عهدي تان هٽائي ڪنهن ايماندار آفيسر مقرر ڪري ساڳئي صورتحال ۾ برقرار رکيو وڃي ته جيئن زمينون بحال ٿي سگهن ۽ علائقي واسي بدحالي کان بچي سگهن .










