سرحد(ن سنڌيار) هيلٿ ڪيئر ڪميشن جا عطائي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪن تي ڇاپا، ڪيترائي ڊاڪٽر ڪلينڪون ڇڏي ڀڄي ويا، 7 عطائين جون ڪلينڪون سيل ڪيون ويون. هيلٿ ڪيئر ڪميشن سکر جي ٽيم پاران ڪاروائيون ڪيون ويون جنهن دوران عطائي ڊاڪٽر رحيم بخش ڪورائي، عطائي ڊاڪٽر شبير چنو، عطائي ڊاڪٽر سنجي ڪمار، عطائي ڊاڪٽر ستار ميمڻ، عطائي ڊاڪٽر يونس ملڪ، عطائي ڊاڪٽر غلام شبير، عطائي ڊاڪٽر مکڻو، عطائي ڊاڪٽر ڌڻي بخش، جون ڪلينڪون سيل ڪيو ويون 7 عطائي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪ سيل ٿيڻ بعد ڪيترائي عطائي ڊاڪٽر ڪلينڪون بند ڪري فرار ٿي ويا ڇاپن دوران سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن سکر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالمنان ابڙو جو چوڻ هو ته گهوٽڪي ضلعي اندر عطائي ڊاڪٽر جون اسپتالون وڌي ويون آهن جيڪي عوام جو بهتر علاج ڪرڻ جي بجائي انهن کي ايذائي رهيا آھن، تمام جلد عطائي ڊاڪٽرن خلاف وڌيڪ ڪاروائي ڪئي ويندي










