ايفل ٽاور جي اونچائي 6 ميٽر اوچتو ڪيئن وڌي وئي ؟

ايفل ٽاور جي اونچائي 6 ميٽر اوچتو ڪيئن وڌي وئي ؟

پيرس(ويب ڊيسڪ)فرانس جي تاريخي ايفل ٽاور جي اونچائي 6 ميٽر وڌي وئي آهي. برطانوي خابرو اداري رائٽرز موجب اڱاري ڏينهن ايفل ٽاور جي چوٽي تي نئون ڊجيٽل ريڊيو اينٽينا لڳايو ويو، جنهن سبب ٽاور جي اونچائي 6 فوٽ يعني 19.69 فوٽ وڌي وئي. رپورٽن مطابق هيلي ڪاپٽر ذريعي ريڊيو اينٽينا لڳايو ويو هو، جنهن کانپوءِ ايفل ٽاور جي ڊيگهه هاڻي 330 ميٽر ٿي وئي آهي. ياد رهي ته هي مشهور ٽاور 19 هين صدي جي آخر ۾ گسٽائو آئيفل تعمير ڪرايو هو. رپورٽن مطابق ايفل ٽاور پنهنجي اڏاوت دوران واشنگٽن جي يادگار کي به پوئتي ڇڏي دنيا جو سڀ کان اوچو انسان جو ٺهيل ڍانچو بڻجي ويو هو. آمريڪي آن لائن ٽريول ڪمپني موجب ايفل ٽاور دنيا جي مشهور سياحتي ماڳن مان هڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو