ڪنهن ماءُ جي لال ۾ همت آهي ته روڪي ڏيکاري، عباسي

ڪنهن ماءُ جي لال ۾ همت آهي ته روڪي ڏيکاري، عباسي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته 10 لک ماڻهو بي اعتمادي واري رٿ کي روڪي نه سگهندا، ڪنهن ماءُ جي لال ۾ همت آهي ته اسيمبلي ۾ وڃڻ کان روڪي ڏيکاريو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ ۾ احتساب جو مذاق هلي رهيو آهي، اسان جي ميمبرن کي نيب طرفان نوٽيس ملي چڪا آهن، مان چيئرمين نيب کي آگاهه ڪرڻ چاهيان ٿو ته عدم اعتماد جي تحريڪ ۾ مداخلت ڪرڻ توهان جو ڪم ناهي. ان جو حساب اوهانکي ڏيڻو پوندو. شاهد خاقان عباسي چيو ته جڏهن ماڻهو وٽ ڪجهه به نه بچندو آهي ته هو گار گند تي لهي ايندو آهي، وزيراعظم ته اڳ ۾ ئي گاريون ڏيڻ تي اچي چڪو آهي، جڏهن حڪومت ايوان بدران روڊ جو رخ ڪري ڪري ته ان جو سڀ ڪجهه ختم هوندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو