روس سان مقابلي ۾ 13 سئو فوجي مئا، مقابلو ڪنداسين

روس سان مقابلي ۾ 13 سئو فوجي مئا، مقابلو ڪنداسين

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا يوڪرين کي اضافي 200 ملين ڊالرن جي فوجي امداد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. آمريڪا جنوري 2021 کان يوڪرين کي 1.2 بلين ڊالر فوجي امداد فراهم ڪري چڪو آهي. ٻئي طرف يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي عرب ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو آهي ته روسي جارحيت خلاف ويڙهه ۾ يوڪرين جا 1300 فوجي مارجي ويا آهن پر روس سان جنگ جاري رکندو. انٽرويو دوران يوڪريني صدر مطالبو ڪيو ته روس ۽ يوڪرين ڳالهين جو ايندڙ دور والاريل بيت المقدس ۾ منعقد ڪن. يوڪرين جي صدر اولهه کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن هن يوڪرين جي فضائي حدن کي بند نه ڪيو ته اولهه انساني بحران جو حصو بڻجي ويندو. ياد رهي ته روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ جنگ سميت ڳالهيون جاري آهن پر هن وقت تائين ڪا وڏي اڳڀرائي نه ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو