بلاول تي تنقيد ڪندڙن جي پنهنجي اردو ٺيڪ ناهي، حريم

بلاول تي تنقيد ڪندڙن جي پنهنجي اردو ٺيڪ ناهي، حريم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه پيپلز پارٽي جي چيئرمين سان محبت جو اظهار ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ”ڪانپين ٽانگين“ تي ٺٺوليون ڪندڙ سياستدانن ۽ عام ماڻهن کي ڀرپور جواب ڏيندي بلاول سان محبت جو اظهار ڪيو آهي. 8 مارچ تي ڪراچي کان اسلام آباد پهچندڙ ’عوامي مارچ‘ کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري جي زبان ڦسلي  هئي ۽ هن چو ڻ چاهيو پئي ته مارچ سبب حڪمرانن جون ٽنگون ڏڪن ٿيون پر هن کا لفظ نڪري ويو هو ته ڪانپين ٽانگ رهي هين. بلاول ڀٽو جو بيان ٽن ڏينهن تائين ٽوئيٽر تي ٽاپ ٽرينڊ رهيو ۽ شوبز جي شخصيتن سميت سياستدانن طرفان ان تي خوب طنز ڪئي وئي هئي. وزيراعظم عمران خان به پنهنجي تقريرن ​​۾ اهو جملو استعمال ڪري سندس مذاق اڏائي هئي. ٽڪ ٽاڪ اسٽار چيو ته بلاول ڀٽو تي تنقيد ڪندڙ سياستدان به اردو صحيح نٿا ڳالهائي سگهن ۽ ڪو به سياستدان ايترو پڙهيل لکيل ناهي، هو پاڻ به صحيح اردو ڳالهائي نه سگهيو آهي. هن چيو ته قرآن پاڪ ۾ ٻين تي ٺٺوليون حرام آهن، عوام کي بلاول ڀٽو جو مذاق اڏائڻ بدران ان تي فخر ڪرڻ گهرجي ڇو ته هو ملڪ جو نوجوان ۽ خوبصورت ترين وزيراعظم ٿيڻ وارو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو