ڪراچي(ويب ڊيسڪ)گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد ۽ پاڻي معاملن واري وفاقي وزير مونس الاهي وچ ۾ سخت لفظن جي ڏي وٺ بعد پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي حڪمران اتحاد ۾ ڇڪتاڻ واضح ٿي وئي آهي، ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس دوران گهرو وزير شيخ رشيد اپوزيشن جي بي اعتمادي واري رٿ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو ته هو چٿر وانگر وزيراعظم سان گڏ بيٺا آهن، مخالف ڌر جي بي اعتمادي جي حوالي سان وضاحت ڪئي. شيخ رشيد چيو ته مان عمران خان سان گڏ پٿر وانگر بيٺو آهيان، ڪنهن ٻئي جو ذميوار ناهيان، مان اهڙن ماڻهن جهڙو ناهيان جن وٽ 5.5 ووٽ آهن ۽ صوبي جي وڏي وزير لاءِ بليڪ ميلنگ ڪري رهيا آهن. مونس الاهي چيو تههو شيخ رشيد جي عزت ڪري ٿو پر هو شايد ڀلي رهيو آهي ته ان ئي جماعت جي ليڊرن جي بزرگن کان هو اسٽوڊنٽ لائف ۾ پيسا وٺندو هو.










