ڦٽي جي پيداوار وڌائڻ بابت، آبادگارن جي ڄاڻ لاءِ سيمينار

ڦٽي جي پيداوار وڌائڻ بابت، آبادگارن جي ڄاڻ لاءِ سيمينار

سلطانپور (رپورٽ قربان علي مهر)ڦُٽي جي فصلن مان بھتر پيداوار حاصل ڪرڻ بابت بجاج سيڊ، ڪنول سيڊ ڪارپوريشن، ڊبليو ڊبليو ايف پاڪستان ۽ زرعي توسيع کاتو سکر طرفان زرعي سيمينار منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ مهمان خاص ڊائريڪٽر ايگريڪلچر ايڪسٽينشن سکر ڊويزن رسول بخش جوڻيجو ، ڊپٽي ڊائريڪٽر ريسرچ ايگريڪلچر سعيد احمد محمدي ٽريننگ احسان الله سمائر مئنیجر بجاج ڪمپني وقار احمد ڇڄڙو عطا محمد مهر اعجاز علي سمائر نعيم احمد شيخ سراج گل بيگ سمائر ميان خيرالدين انڍڙ سمیت علائقي واسين زراعت سان تعلق رکندڙ آبادگارن پڻ وڏي تعداد۾ شرڪت ڪئي مقررن خطاب ڪندي چيو تہ زرعي ماهر ۽ آبادگار پاڻ ۾ هڪ ٿي پنهنجي زمين فصل جي خدمت ڪنداسين وقتائتو پوکائي صحت مند نج ٻج جو انتخاب ڪنداسين تڏهن اسانکي فائدو ملندو بجاج ڪنول سيڊ ڪارپوريشن ٻج ۽ ڀاڻ نہ رڳو آبادگارن کي مهيا ڪري ٿي پر سکر ڊويزن اندر اهڙا سيمينار ڪرائي آبادگارن کي فصل جي بهتر استعمال جو پڻ ٻڌائي آبادگارن جي ڄاڻ ۾ اضافو پيدا ڪري ٿي، زراعت آبادگارن جو جياپو آهي، اسان آبادگارن کي بهتر رستو ڏيکاريون پيا زرعي ماهر سيمينار ۾ علائقي جي ننڍن وڏن آبادگارن پڻ ڀرپور شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو