ليکڪ سيد زوار حسين شاهه
اسان کان ڪڏهن به ماضي ۾ ٿيل هڪ ٻئي خلاف سازسون غير اخلاقي بيانات ۽ ملڪ دشمنن جي ونگار وهن ڪڏهن وسري ناهي ، هاڻ به ڪجهه اهو ئي ٿي رهيو اهي جنهن جو خدشو هو ، جڏهن يوڪرين جي صورت حال سان گڏ ڪپتان روس جو اچانڪ دورو ڪيو جنهن کان پوء اهي ملڪ جيڪي پاڪستان کي جهڪائڻ جي سدائين ڪوشس ڪري رهيا آهن هاڻ به اهري ئي ڪوشش ڪن پيا پر انتهائي ڏکائيندڙ ڳالهه ته اسان کي اهڳو ڪڏهن به سمجهه ۾ نه ايندو ان جا ڪيترائي خاص سبب به اهن ، پاڪستان توڙي جو ايٽم رکي ٿو نيوڪليئر بم جي ڪري بهترين ساڇ قائم آهي پر ، ڪڙو سچ ته اسان جي ملڪ جي سياستدانن جن پاڪستان م لٽ مار مچائي ، مني لانڊرنگ ڪري ٻين ملڪن ۾ اثاثا رکي آف شور ڪمپنيون جوڙي ورتيون جڏهن ته پاڪستان جي ميعشت مڪمل تباهه ٿي چڪي آهي جنهن ڪري عوام انتهائي مهنگائي کي منهن ڏيئي رهيو آهي ، جڏهن ته هڪ ملڪ اندر به ٽي قانون آئين لاڳو آهن غريب لاء خطرناڪ ، مڊل ڪلاس طبقي لاء ڪجهه قانوني آئيني رعايت آهي پر پاڪستان ۾ خاص امير ڀوتارن جاگيردارن سياستدانن ڪرپٽ مافيه چورن لٽيرن کي هن وقت تائين ڪڙو سچ اهو اهي ته ڪنهن هٿ ئي نه وڌو هو پوء هو جيئن چاهين پيا ٿئي پيو پر 23 سالن جي جدوجهد بعد ڪپتان پاڪستان تحريڪ انصاف اليڪشن 2018 ۾ ڪامياب ٿي ملڪ جو وزيراعظم جناب عمران خان بڻيو جنهن کان پوء عوام سان ڪيل واعده ته وفا نه ٿيا پر سياسي جنگ خطرناڪ صورت هال اختيار ڪندي رهي ، اهو سڀ ڪجهه اسان يج اڳيان آهي ، اهو به ڪڙو سچ آهي ته پاڪستان ۾ ڪير به ڪامياب ٿئي شڪست کائيندڙ اهو جملو ضرور چوندو ته هي سڌي سنئين ڌانڌلي آهي ، هنن کي فرشتن ووٽ ڪاسٽ ڪيا ، هنن کي هٿ سان ڪامياب ڪيو ويو برحال ڪنهن به هن وقت تائين شڪست هار پنهنجي تسليم ئي ناهي ڪئي جيڪو ڪڙو سچ آهي ، ڪپتان جهڙي ريت ادارن کي آزادانه ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنو 18 هين ترميم تحت هر اداري کي پنهنجي قانون آئين جي حد ۾ رهندي مڪمل ڪم ڪرڻ لاء ڇيو ويو ۽ اسان اهو به ڏٺوسين ته نيب چيئرمين رٽائر جج صاحب جاويد اقبال بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري ملڪ مٿان ٽي مرتبه وزيراعظم رهندڙ سابق صدر ، ٻه ٻيا سابق وزيراعظم سينئر وزيرن صلهاڪارن ٻيوريڪريٽس ، ٽيڪنو ڪريٽس ، سياستدانن جا سهولت ڪار اسپيڪرس به گرفتار ٿيا نيب احتساب عدالت ۾ هن وقت به انهن ماٿن اربين روپين جي ڪرپشن جا ڪيس هلي رهيا آهن جن جي وٺ پڪڙ جاري آهي پر اسلام آباد پارليامينٽ لاجز ۾ جميعت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي محافظ جٿي انصار الاسلام جي ڪارڪنن جي موجودگي تي اسلام آباد پوليس آپريشن ڪري ڪيتريون ئي گرفتاريون ڪيون آهن. پارليامينٽ لاجز ۾ آپريشن ڊي آءِ جي آپريشن جي ڪمانڊ ۾ ڪيو ويو، ميڊيا کي پارليامينٽ لاجز مان ڪڍيو ويو، جنهن بعد پوليس جي نفري صلاح الدين ايوب جي لاج جو دروازو ڀڃي گرفتار شروع ڪيون. اطلاعن موجب پوليس جي يو آءِ جي ايم اين اي صلاح الدين ايوبي کي به گرفتار ڪري وٺي وئي، جڏهن ته 10 کان 12 رضاڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار ڪيلن کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو پيو وڃي. اطلاع آهن ته پوليس مولانا جمال الدين ۽ مفتي عبدالله کي به گرفتار ڪيو، جڏهن ته آغا رفيع الله پوليس اهلڪارن سان ڏند چڪ ڪيا، پارليامينٽ لاجز ۾ پوليس جي وڌيڪ نفري به داخل ٿي چڪي آهي. ان کان اڳ پوليس آفيسر پارليامينٽ لاجز پهتي ته هنن جي يو آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر صلاح الدين ايوبي سان ڳالهيون ڪيون. صلاح الدين پوليس کي چيو ته انصار الاسلام اسان جا مهمان آهن، اسان جا مهمان قانون موجب آيا آهن، ڪارڪنن وٽ هٿيار ناهن. ان موقعي تي پي ٽي آءِ جو اسيمبلي ميمبر مملڪتي وزير علي محمد خان ۽ نور عالم به موجود هئا. پوليس چيو ته اسان هنن ڪارڪنن کي ٿاڻي وٺي وينداسين، جنهن تي صلاح الدين ايوبي چيو ته منهنجو مهمان منهنجي ڪمري ۾ آهي، مونکي ٿاڻي وٺي هلو، منهنجي مهمان کي نه. ان بعد معاملي جو آءِ جي اسلام آباد پوليس محمد احسن يونس به نوٽيس ورتو ۽ ڊي چوڪ تي ناڪا انچارج، پارليامينٽ لاجز جي انسپيڪٽر انچارج ۽ لائن آفيسر کي معطل ڪري ڇڏيو. بعد ۾ پارليامينٽ لاجز جي چوٿين ماڙ تي صلاح الدين ايوبي جي لاج نمبر 401 ٻاهران پوليس جي رش ٿي وئي، پوليس لاج کي ٻنهي پاسن کان گھيري ورتو ۽ ان دوران ايم اين اي صلاح الدين ايوبي سان ايس ايس پي آپريشنز فيصل ڪامران جون ڳالهيون به ٿيون. صلاح الدين ايوبي چيو ته توهان پنهنجي اهلڪارن کي هيٺ وٺي وڃو پر پوليس قومي اسيمبلي ميمبر صلاح الدين ايوب جي لاج ۾ داخل ٿي وئي ۽ تلاشي ورتي. وڌيڪ پوليس اهلڪار جڏهن قومي اسيمبلي جي ميمبر صلاح الدين ايوب جي لاج ۾ داخل ٿيا ته ان موقعي تي ايم اين اي صلاح الدين ايوبي جو اسٽاف ۽ پوليس هٿين پئجي ويا ۽ پوءِ باضابطا طور آپريشن ڪري صلاح الدين ايوبي ۽ انصار الاسلام جي رضاڪارن کي گرفتار ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اپوزيشن اڳواڻن پنهنجي ميمبرن جي گم ٿيڻ ۽ سيڪيورٽي تي خدشن ظاهر ڪيا هئا، جنهن بعد مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۾ اپوزيشن پارٽين فيصلو ڪيو هو ته انصار الاسلام جا ڪارڪن اپوزيشن جي سمورن ميمبرن کي سيڪيورٽي فراهم ڪندا. ٻئي طرف ٻکئين پوڻ دوران مسلم ليگ ن جو قومي اسيمبلي جو ميمبر خواجه سعد رفيق ۽ جي يو آءِ جو سينيٽر ڪامران مرتضيٰ زخمي ٿي پيا، جنهن کانپوءِ آءِ جي پارليامينٽ لاجز ۾ آپريشن جو فيصلو ڪندي اهلڪارن کي ميڊيا جي نمائندن کي ٻاهر ڪڍڻ جي هدايت ڪئي. ذريعن موجب پوليس طرفان جي يو آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر مولانا صلاح الدين ۽ مولانا جمال الدين جي فليٽن جي به تلاشي ورتي وئي. جڏهن ته پوليس ايم اين اي جمال الدين ۽ ميمبرن سميت 15 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو، صلاح الدين ايوبي جي لاج ۾ وڏي نفري داخل ٿي، جتان ايم اين اي جي ڪمري مان جمال الدين سميت پنجن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو ، مان عرض ڪندس ته هڪ ڳالهه ته هر سياسي پارٽي لککي اهو قانوني آئيني اختيار آهي ته هو ڪنهن به وزيراعظم خلاف عدم تحريڪ جي رٿ پيش ڪري سگهي ٿي اليڪشن به ڪرائي سگهي ٿي ، عدم اعتماد ووٽ به هاصل ڪري سگهي ٿي ، جڏهن ته جهڙي طرح هن وقت وزيراعظم جناب عمران خان پنهنجن تقرين دوران اپوزيشن رهنمائن لاء نازيبان زبان استعمال ڪري رهيو آهي اها نه ڪرڻ گهرجي ، ها مقابله ٿيندا آهن پوء ميدان شهر هجي يا پارليمينٽ هائوس هجي ، ان لاء ذهني طور تيار رهڻ گهرجي ، ملڪ پهريان ئي انزڪ وقت مان گذري رهيو آهي جنهن لاء مان بار بار تمام سياسي اڳواڻن سميت ملڪ جي وزيراعظم وزيرن کي به بار بار اپيلون ڪندو رهيو آهيان ته يوڪرين مس.لو ننڊو ناهي ، آمريڪه سميت عالم دنيا جا 22 ملڪ هڪ خط لکن ٿا برحال اسان کي گڏجي پاڪستان جي قبا سلامتي لاء ڪم ڪرڻو آهي ڪجهه ڏينهن اڳ پشاور سانحو جنهن م نمازي نوجوان بزرگ پر معصوم بار به شهيد ٿي ويا ان کان اڳ ملڪ اندر ڇا ڇا ٿيندو رهيو آهي ان کان به واقف آهيون ، صورت هال ملکڪ دشمن قوتون خراب ڪرڻ چاهين ٿيون ، اسان يج ادارن کي به هاء الرٽ رهڻو پوندو جڏهن ته وزيراعظم پاڪستان جناب عمران خان ان جي ساٿين کي به ڪجهه هلڪو هٿ رکڻو پوندو آئين ڪم ڪري پيو ان تحت جنهن مٿان جيڪي به الزام آهن انهن کي هو منهن ڏيندا عدالت سڳوريڳون به پنهنجو ڪم ڪن پيون خدا پاڪ جي واسطي اهري خطرناڪ بنيان بازي م نازيبان زبان استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ، هن ملڪ جي عوام سان هزارين بنيادي مسئلا آهن اچو ته ان موضوع انهن کي حل ڪرن جي ڪوشش ڪيون ائين نه ٿئي جو ملڪ مٿان صدارتي نظام لاڳو ڪيو وڃي پوء گهٽ ۾ گهت هڪ ڳالهه ٿيندي ته عوام صدارتي نظام مان خوش ٿيندو سياسي ڀوتارن جاگيردان پيرن ميرن ڪرپٽ ڪامورن سهولتڪارن جو ڪڙو احتساب ٿيندو ، ۽ غريبن سان ٿيندڙ بي انصافي بند ٿي ويندي ، ان ڪري گهٽ ۾ گهت جناب آصف علي زرداري ، بلاو ڀٽوزرداري ، مولانا فضل الرحمان ، ميان شهباز شريف سميت ٻين جذباني سياستدانن کي پنهنجي بات ۾ ٿيل فيصلن تي نظر ثاني ڪرڻ گهرجي










