ٺٽو ( ڊر )قومي عوامي تحريڪ جو جشن لطيف جو جلسو ٿيو، جنھن ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ مشھو قانوندان اياز لطيف پليجو مھمان خاص طور شرڪت ڪئي، جڏھن تہ مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، شھيد فطرت ناظم جوکيو جي وني شيرين جوکيو، ايڊووڪيٽ منور ڀٽو، ناھيد جوڳي ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، اشرف پليجو ڪامريڊ غلام حسين سولنگي شبير ڀٽي، راحيلا ڀٽو، ناھيد جوڳي، يوسف ڪنڀر، نذير بليدي ۽ ٻين شرڪت ڪئي۔ جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ شاھ عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جو فڪري رھبر آھي۔ نوجوان شاھ عبداللطيف ڀٽائي کي پڙھن۔ ڀٽائي ھمتن، حوصلن، جرئتن، پيشقدمين، مقابلن ۽ اڳتي وڌڻ جي ڳالھ ڪئي آھي۔ ڀٽائي چئلينجن کي قبول ڪري فاتح ٿيڻ جي ڳالھ ڪئي آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ لطيف ھڻڻ، ھڪلڻ ۽ ٻيلي سارڻ جو پيغام ڏنو آھي۔ ڀٽائي عالمي امن ۽ سلامتي جي ڳالھ ڪئي آھي۔ لطيف جي پيغام تي عمل ڪري اسين دھشتگردي ۽ انتھاپسندي جو مقابلو ڪري سگھون ٿا شاھ لطيف اشرافيه جو نہ عوام جو شاعر ھو۔ شاھ لطيف عورتن، ھارين ۽ اقليتن کي ھيرو ٺاھيو۔ آمريڪا ۽ يورپ جي ترقي ۾ عورتن جو اھم ڪردار آھي حڪمران وڏيرن سنڌ جي عورتن لاء مقتل گاھ بنائي ڇڏيو آھي۔اياز لطيف پليجي چيو تہ جيڪڏھن پاڪستان ۾ ترقي پسند، روشن خيال سياست ۽ شخصيتن جي رستا روڪ نہ ڪئي وڃي ھا، انھن کي ڪمزور نہ ڪيو وڃي ھا۔ صوبن ۾ برابري ھجي ھا تہ اڄ ملڪ جون حالتون گھٽ، ٻوسٽ ۽ جبر واريون نہ ھجن ھا، 18ھين ترميم تحت سمورا کاتا صوبن حوالي آھن۔ پيپلز پارٽي حڪومت صوبائي خومختيار کي ڦرلٽ جو ذريعو بنائي ڇڏيو آھي۔ تعليم، صحت، فشريز، بلديات، اريگيشن، روينيو، گھرو، ٽرانسپورٽ، ثقافت سميت ھر کاتو ڪرپشن ۾ ٻي کاتي کي مات ڏئي رھيو آھي۔ 14 سالن ۾ ڪرپشن ھيٺين سطح تائين پھچي وئي آھي۔ اسان جي خراب پاليسين سبب 22 ڪروڙ عوام سورن ۾ آھي ضياءَ، يحيٰ، ايوب ۽ مشرف جي دور ۾ ڊڪٽيٽرشپ ھئي پر اھڙي معاشي بدحالي نہ ھئي جھڙي موجوده حڪمرانن جي دور ۾ آهي. اياز لطيف پليجي ڌاڙيل واھ چشما جھلم لنڪ وھائي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻڻ جي مذمت ڪندي چيو آھي تہ پنجاب سدائين سنڌ جي پاڻ تي ڌاڙا ھنيا آھن۔ تونسا پنجند ۽ چشما جھلم ڪئنال ٻوڏ جي صورت ۾ سنڌ جي اجازت سان وھائڻا آھن پر پنجاب سمورن قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي 12 مھينا ڌاڙيل واھن ذريعي سنڌ جو پاڻي زبردستي کڻي رھيو آھي۔ جنھن ڪري سنڌ جون زمينون بنجر ٿي ويون آھن۔ سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ آھي، سنڌ کي حصي جو پاڻي نہ ملڻ ڪري سمنڊ ٺٽو، سجاول، بدين جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. ڪوٽڙي کان ھيٺ سنڌو درياھ ۾ پاڻي ڇوڙ نہ ٿيڻ ڪري درياھ جي ٻنھي پاسن تي ويٺل لکين آبادي برباد ٿي وئي آھي خوشحال ماڻھو بدحال ٿي ويا آھن مڇي سميت ٻي آبي جيوت ختم ٿي وئي آھي. انھي موقعي تي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو قومي عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر منور ڀٽو سميت مختلف اڳواڻن خطاب ڪيو










