زرعي پيدوار وڌائڻ ۾ زرعي تحقيقاتي عمل جي اهميت!

زرعي پيدوار وڌائڻ ۾ زرعي تحقيقاتي عمل جي اهميت!

ليکڪ  ڊاڪٽر فيض محمد شيخ
پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آھي جنهن جي معيشت جو دارو مدار خاص ڪري زراعت تي ئي آھي ۽ 1960ع تائين زراعت جو حصو  ملڪ جي GDP ۾  تقربن 55 سيڪڙو رهيو آھي ۽ سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح ملڪ جي 80 سيڪڙو  آبادي زراعت سان لاڳاپيل رهي آھي پر هن وقت ڏٺو وڃي ته ڪافي ڏھاڪن کان ملڪ جو زرعي شعبي پٺتي پئجي رهيو آھي زرعي پيداوار گهٽجڻ ڪري ڏينهون ڏينهن ملڪ ۾ اناج جي  کوٺ  وڌي رهي آھي   ۽ ٻين ملڪن مان اناج   گهرائي ملڪي ضرورتون پوريون ڪيون پيون وڃن ۽ زرعي پيداوار ۾ ڪمي اچڻ سان ملڪ جي صنعتي پيداوار پڻ مسلسل متاثر ٿيندي رهي ٿي. زرعي شعبي جي پٺ تي پوڻ جا ته ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا پر  هڪ خاص سبب زرعي تحقيق تي گهٽ ڌيان ڏيڻ به ٿي سگهي ٿو جنهن جي ڪري ملڪ ۾ سراسري زرعي پيداوار ۾  ڪمي ايندي رهي ٿي ۽ زرعي پيداوار گهٽ معياري هجڻ ڪري عالمي ۾ مارڪيٽ ۾  ان جي طلب ۾ واڌ نه ٿي اچي سگهي جنهن سان عالمي مارڪيٽ ۾  زرعي پيداوار وڌيڪ رقم ۾ وڪري ڪري عالمي تجارت ذريعي وڌيڪ ناڻو ڪمائي سگهجي . ڪيناڊا آفريڪا, چائنا يا ٻين زرعي ملڪن ۾ زرعي تحقيق تي وڌيڪ ڌيان هجڻ ڪري اتي في ايڪڙ   70 کان 80 مڻ ڪڻڪ جي پيداوار حاصل ڪري سگهجي ٿي پر اسان جي ملڪ ۾ انهن ملڪن جي زرعي پيداوار جي ڀيٽ ۾ ڪافي گهٽ آھي خاص ڪري سنڌ ۾ ته سٺي زمين به سراسري 40 کان 50 مڻ   في ايڪڙ ڪڻڪ جي پيدا وار ڏئي ٿي , سنڌ جي اڪثر علائقن ۾  ته  في ايڪڙ  25 کان 30 مڻ پيداوار به  مشڪل  سان ٿو ڏئي  جنهن جي ڪري زرعي آمدني گهٽجي رهي آھي جنهن جي ڪري آبادگار يا هاري جي زراعت ۾  دلچسپي به  گهٽجي رهي آھي جنهن سبب زرعي شعبو اڃا به وڌيڪ پٺ تي پئجي سگهي ٿو. تازو 01.12. 2021  تي نئون ديرو ۾ سنڌ چيمبرس آف ايگريڪلچر آفيس ۾ زرعي تحقيق تي آئوٽ ريچ ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ملڪ جي مختلف يونيورسٽين جي زرعي ماهرن پروفيسرن شرڪت ڪئي,  هن ورڪشاپ ۾  خاص ڪري زرعي تحقيقات کي وڌائڻ تي زور ڏنو ويو ۽ ملڪ ۾ زرعي پيداوار جي گهٽجڻ جي سببن تي ڳالهايو ويو  ۽  زراعت کي ترقي ڏياري زرعي پيداوار کي وڌائڻ  وارن اپائن تي به روشني وڌي وئي   سيمينار ۾ مختلف فصلن جي پيداوار کي وڌائڻ لاء فارمنگ جا جديد طريقا ۽ وقت سر فصل پوکڻ بابت پڻ ٻڌايو ويو  ته موسمي تبديلي اچڻ کان پوء ڪهڙا فصل ڪهڙي وقت تي پوکڻ گهرجن  جنهن سان گهٽ پيداواري خرچن ۾ وڌيڪ اپت حاصل ڪري سگهجي ان لاء اهو ضروري آھي ته موسمي تبديلي کي مدي نظر رکي  زرعي تحقيقي ادارن کي اهڙا ٻج تيار ڪرڻ گهرجن  جيڪي سردي گرمي برداشت ڪرڻ سان گڏ گهٽ پاڻي تي به پچي تيار ٿين ۽ سراسري اپت به وڌيڪ ڏين هن وقت  موسمي تبديلي سبب پوري دنيا ۾  زراعت تي منفي اثر پئجي رهيا آھن جنهن سان زرعي پيداوار متاثر ٿي رهي آھي ۽ ڪافي ملڪن ۾ اناج جو بحران وڌندو ٿو وڃي جيڪو دنيا لاء وڏو چئلينج پڻ آھي ۽ ھن وقت دنيا جاڪافي ملڪ زرعي تحقيق تي وڌيڪ ڌيان ڏئي ڪافي حد تائين پنهنجي ملڪ جي زراعت کي ترقي وٺرائي رهيا آھن پر پاڪستان سميت  ڪافي ملڪ اڃا پنهنجي زراعت کي ترقي ڏياري نه سگهيا آھن جنهن جي ڪري انهن ملڪن ۾ اناج جي ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي وڃي ان کان علاوه  سيمينار ۾  دالين جي پيداوار تي پڻ فوڪس ڪيو ويو  ڇو ته ڪافي فصل پاڻي جي ڪمي سبب گھٽ پيداوار ڏين ٿا پر دالين جي فصل لاء گهٽ پاڻي جي ضرورت پوي ٿي  ۽  دالين جا فصل گهٽ پاڻي جي استعمال سان به پچي تيار ٿين ٿا ۽ دالين جي پيداوار  گهٽ پاڻي ملڻ باوجود به ايترو متاثر  نه ٿي ٿئي. ان کان علاوه هن وقت عالمي مارڪيٽ ۾ دالين جي طلب به وڌي رهي آھي ۽ جيڪي ملڪ دالين جي پيداوار ۾ اڳتي آھن اهي عالمي تجارت ذريعي  تمام گهڻو  ناڻو ڪمائين ٿا  ان ڪري هن وقت اسان کي به دالين جي فصل تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن اسان به دالين جي پيداوار وڌائي ايڪسورٽ ڪري عالمي واپار ذريعي ٻاهريون ناڻو ڪمائي سگهون .  زرعي يونيورسٽي فيصل آباد جي  پروفيسر ڊاڪٽر بهران احمد دالين جي پيداوار وڌائڻ ۽ ان جي اهميت ۽ فائدن جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته هن وقت ملڪ ۾ جديد طريقي سان دالين جي فارمنگ تي ڌياڻ ڏيڻ جي ضرورت آھي سنڌ ۾ تمام گهڻا زرعي تحيقيقاتي ادارا آھن پر اهي سنڌ جي زراعت لاء ڪو ايترو مطمئن ڪندڙ ڪم ناهي ڪيو ايتري تائين جو سنڌ ۾ زرعي ٻج ۽ ڀاڻ به ٻين صوبن مان گهرايا وڃن ٿا جنهن سان زرعي پيداواري خرچن ۾ به اضافو ٿو اچي جنهن سان سنڌ جي آبادگارن کي زرعي شعبي  مان گهٽ آمدني حاصل  ٿئي ٿي جنهن سان وري به سنڌ جي زراعت تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آھن ان لاء اهو ضروري آھي ته  سنڌ جي زرعي تحقيقاتي ادارن کي تحقيقاتي عمل کي وڌائي سنڌ جي زراعت کي ترقي ڏيارڻ لاء ڪم ڪن  ته جيئن سنڌ ۾  زرعي پيداوار کي وڌائي سگهجي . سنڌ ۾ پاڻي جي ڪمي ۽ موسمي تبديلي کي ڏسي پوکي راهي جا جديد طريقا ۽ جنسن جا نوان ٻج متعارف ڪرائڻ گهرجن  ته جيئن پاڻي جي ڪمي ۽ موسمي تبديلي جا زرعي پيداوار تي منفي اثر پئجي نه سگهن ان کان علاوه زرعي تحقيقاتي ادارن کي سنڌ جي هارين ۽ آبادگارن کي فارمنگ جي جديد طريقن بابت آگاهي ڏيڻ گهرجي ۽ جاڳرتا پيدا ڪرڻ گهرجي ته جيئن آبادگار زراعت ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺي زرعي پيداوار کي وڌائي پنهنجي  آمدني کي وڌائي سگهن جنهن سان ملڪي آمدني ۾ پڻ اضافو ايندو.

اسلام آباد يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر شاهد ملڪ پاڪستان ۾ دالين جي پيداوار تي ڳالهائيندي چيو ته دال هڪ تمام اهم غذا آھي جيڪا انساني صحت ۽ نشونما لاء تمام ضروري آھي ان ڪري دالين جي پيداوار کي وڌائڻ جي ضرورت آھي ان کان علاوه مارڪيٽ رفارمز تي ڳالهائيندي هن چيو ته آبادگارن کي مارڪيٽ ۾ مناسب اگھ نه ٿو ڏنو وڃي جنهن جي ڪري آبادگارن کي زرعي پيداوار مان گهٽ منافعو ٿو ٿئي جنهن سان به زراعت تي منفي اثر پئجي رهيو آھي ۽  گهٽ منافعي ٿيڻ ڪري آبادگارن جي زراعت ۾ دلچسپي گهٽجندي رهي ٿي ان ڪري مارڪيٽ رفارمز تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي ته جيئن فصل لهڻ وقت آبادگارن کي مناسب اگھ ملي سگهي . لاڙڪاڻو چيمبرس آف ڪامرس جي صدر سيد سراج احمد چيو ته ٻين فصلن جي پيداوار گهٽجڻ سان گڏ دالين جي فصل گهٽجندو ٿو وڃي ۽ دالين جي پيداوار ۾ هر سال ڪمي ايندي ٿي وڃي ان ڪري دالين جي پيداوار وڌائڻ لاء خاص اپاء وٺڻ جي ضرورت آھي ان لاء وڏي ليول تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي هن وقت جڏھن خاص ڪري سنڌ ۾ هر سال پاڻي جي کوٽ وڌي رهي آھي ته اسان کي گهٽ پاڻي تي تيار ٿيندڙ فصلن کي وڌيڪ ترجيح ڏيڻ گهرجي   ۽ ٻين فصلن جي ڀيٽ ۾ دالين جو فصل تما م گهٽ پاڻي جي ضرورت پوي ٿي ان ڪري دالين جو فصل پوکي دالين جي پيداوار وڌائي ٻاهرين ملڪن ڏانهن ايڪسپورٽ ڪري ڪافي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو.   ملڪ جي  زراعت کي ترقي وٺائڻ لاء  هن وقت اهم ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته زرعي تحقيق کي وڌائي ملڪ جي زرعي  شعبي کي ترقي ڏياري وڃي ۽ ملڪ جي  زرعي ماهرن ۽ آبادگارن سان گڏجي  زراعت بابت تحقيقاتي سيمينار ڪرايا وڃن ۽  آبادگارن کي زراعت بابت ۽ جديد فارمنگ بابت ڄاڻ ڏيڻ گهرجي ته جيئن آبادگار پنهنجي زرعي پيداوار وڌائي سگهن ته جيئن ملڪ مان اناج جي کوٽ ختم ڪري سگهجي ۽ زرعي پيداوار وڌائي ايڪسپورٽ ڪري ناڻو ڪمائي ملڪ کي معاشي ترقي ڏياري سگهجي.#

پهنجو تبصرو موڪليو