يوڪرائين ۽ روس جي جنگ جو تاريخي پسمنظر

يوڪرائين ۽ روس جي جنگ جو تاريخي پسمنظر

ميان بلال غفور گھنڃون

يوڪرائين آبادي جي لحاظ کان يورپ جو اٺون وڏو ملڪ آھي اوڀر يورپ ۾ روس کان پوءِ پکيڙ جي لحاظ کان يورپ جو ٻيو وڏو ملڪ يوڪرائين آھي جنھن جو سرحدون اترين پاسي کان بيلاروس جڏھن ته اولھ ۾ پولينڊ ۽ سلوواڪيا ۽ ھنگري سان ملن ٿيون ۽ ڏاکڻي پاسي کان رومانيا ۽ مالدووا پاڙيسري ملڪ اٿس سامونڊي پٽي ۾ ٻه سمنڊ بحر ازوف ۽ بحر اسود لڳن ٿا. 

يوڪرائين روس جنگ کي سمجھڻ لاءِ اسان کي سو ساله تاريخي حالتن تي نظر وجھڻي پوندي روس ۽ يوڪرائين جي جغرافيائي جنگ جي بنياد سو ساله تاريخ تي ٻڌل آھي. اڄ اوڀر جي ملڪن سان ملي ڪري روس کي منجھائيندڙ ملڪ يوڪرائين 1920ء کان 1991ء تائین سويت يونين جو حصو رھيو آھي .

سويت يونين جي انقلاب کان پوءِ 1920ء کان 1930ء جي ڏهاڪي دوران سويت آمر جوزف اسٽالن يوڪرائين کي عليحده رياست بڻجڻ جي تصور کي دٻائڻ لاءِ اتان جي دانشورن ۽ ھارين جي خلاف دھشتگردي جي منظم ڪاروائين جو آغاز ڪري ڏنو سويت يونين جي آخري ڏھاڪن تائين يوڪرائن جي عليحده حيثيت جي حامين کي ائين ئي سخت ظلم ۽ بربريت جو منھن ڏسڻو پيو. انھي ظلم و بربريت جي تاريخي پسمنظر کي مدنظر رکندي يوڪرائين جي آزادي کان پوءِ يوڪرائين جو مغربي ملڪن طرف وڌيڪ لاڙو ڏسڻ ۾ آيو جيڪو روس پنھنجي سالميت لاءِ خطرو تصور ڪرڻ لڳو. 

جڏھن سويت يونين جو عروج زوال ۾ بدليو يوڪرائين انھن 14 ملڪن ۾ شامل ھيو جنھن 16 جولائي 1990ء يونين کان عليحدگي جو اعلان ڪيو تقريباً هڪ سال کانپوءِ 24 آگسٽ 1991ء ۾ يوڪرائين مڪمل خودمختيار ۽ آزاد ملڪ طور دنيا جي سامھون آيو.

يوڪرائين آزادي ته حاصل ڪري ورتي پر اتي موجود 18 کان 20 فيصد روسي نسل آبادي ۽ ٻي روسي حمايتي آبادي ۽ يورپ آمريڪا نواز گروھن ۾ خانه جنگي جو آغاز ٿي ويو جيڪا روس يوڪرائين جنگ جو سبب بڻيو.

ٻي عالمي جنگ کان پوءِ سويت يونين جو حصو رھندڙ يورپي ملڪ روس جي اثر کان نڪرڻ لاءِ نيٽو جو رخ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. نيٽو بہ مشرقي ملڪن ۾ پنھنجو اثر رسوخ وڌائڻ لاءِ ڪيترن ئي ملڪن کي دفاعي اتحاد جو حصو بڻائڻ شروع ڪيو. يوڪرائين به انھن ملڪن ۾ شامل ھيو. پر سويت يونين ۾ شامل ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ يوڪرائين کي نيٽو ۾ شامل ڪرڻ روس لاءِ ھڪ وڏو حساس معاملو ھو.

سڀ کان پھريان يوڪرائن ۽ نيٽو جا تعلقات 1994ء ۾ شروع ٿيا ۽ 2008 ۾ باقاعده يوڪرائين کي نيٽو ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي جنھن تي روس پنھنجي سالميت لاءِ خطرو سمجھندي سخت ردعمل ظاهر ڪيو پر نيٽو يوڪرائين جي 2010 واري صدارتي اليڪشن تائين فيصلو روڪي ڇڏيو روس يوڪرائين جي ان درخواست کي پنھنجي سالميت لاءِ خطرو سمجھندي يوڪرائين ۾ پنھنجي حمايت يافتہ ويڪٽر يانو ڪوويچ کي اليڪشن کٽرائي يوڪرائين جو صدر ٺاهرائي ڇڏيو جنھن نيٽو سان ڪيل معاهدا ته ختم ڪيا پر 2014 ۾ يورپي يونين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ معاهدي تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين جنھن جي فورن بعد گادي جي ھنڌ ڪيف ۾ پرتشدد مظاهرن جو سلسلو شروع ٿي ويو جنھن جي نتيجي ۾ سو ماڻھون اجل جو شڪار ٿيا ۽ سوين ماڻھون زخمي ٿيا ان واقعي ھڪ وڏو بحران پيدا ڪيو جنھن سبب روسي حمايت يافتہ يوڪرائيني صدر ويڪٽر ڪانوويچ حڪومتي صدارتي محل ڇڏي روسي زير انتظام علائقن ڏانھن ڀڄي ويو. 

ان معاملي کان پوءِ روس پاڻ کي شڪست خوردہ سمجھندي 2014ء ۾ ڪريمينيا تي حملو ڪري قبضو ڪري ورتو ۽ اوڀر ڪريمينيا طرف پيش قدمي شروع ڪري ڏني جنھن ۾ روسي حمايتي ۽ مغربي نواز ھٿياربندن ۾ جھڙپون شروع ٿي ويون جنھن دوران ھڪ اندازي مطابق 14 ھزار ماڻھون اجل جو شڪار ٿيا .

2015ء ۾ فرانس جي تعاون سان يوڪرائين جي تمام متعلقه گروھن سان معاهدو ٿيو پر جھڙپون جاري رھيون انھي جھڙپن ۾ 2021 ۾ غيرمعمولي واڌارو ٿيو روس الزام ھنيو تہ مغربي ملڪن جا ھٿياربند دستا روسي نسل علائقن ۾ خون ريزي ڪري رھيا آھن مغربي ملڪن موقف اختيار ڪيو ته روسي حمايت سان شرپسند عنصر يوڪرائين ۾ بدامني ڦهلائي رھيا آھن اھيي جھڙپون ھڪ وڏي جي صورت اختيار ڪري ويون.

آمريڪا ۽ روس ۾ اعلي سطح تي رابطا ٿيا پر 22 فيبروريءَ تي يوڪرائين کان علحدگي اختيار ڪندڙ ٻن علائقن ڊونيسڪ ۽ لوہانسک کي رياست طور تسليم ڪندي انھن علائقن ڏانھن امن فوج روانو ڪري ڇڏيائين. روس جي ان قدم تي سندن روايتي حريف سخت ردعمل ڏيکاريندي روس سخت معاشي پابنديون لڳائي ڇڏيون تاحال جنگ جاري آهي. عالمي دنيا کي گھرجي جنگ جي ھن خوفناڪ صورتحال کان بچڻ لاءِ ٽيبل ٽاڪ جو سھارو وٺڻ کپي.

پهنجو تبصرو موڪليو