سيٺارجا(الطاف حسين ڀٽو) ڏيپارجه شهر جي سهتا محلا جي رهواسڻ 18 سالا ماريا شيخ سيٺارجا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي الزام لڳايو ته 5 مهينه اڳ مونکي زبردستي آصف ملڪ , عرفان ملڪ , نويد , جبار , اسلم ۽ ٻيا کنڀي کڻي ويا هئا جن مونکي هالاڻي شهر ۾ هڪ دوست جي گهر اندر قيد ڪري ڇڏيو ۽ مونکي چوندا رهيا ته تون آصف ملڪ سان شادي ڪر انڪار تي منهنجي مٿان تشدد ڪندا رهيا ۽ زبردستي ڪوڙو نڪاح ٺهرائي صحيون ڪرايون ۽ اتي مونسان آصف ملڪ ۽ ٻيا ڏاڍائي ڪندا رهيا جن کان مون جان بچائڻ لاء 5 ڏينهن اڳ اتان وجهه وٺي هتي پنهنجي والد جي گهر پهتي آهيان جيڪي ٻيهر هن وقت منهنجي گهر مٿان حملو ڪري وري کنڀڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ جوابدارن آصف ملڪ ۽ سندس دوستن عرفان, نويد, عبدالجبار, اسلم ۽ ٻين سان ملي ڪري اسان جي گهر تي گذريل رات حملو ڪيو آهي ۽ مونکي ۽ منهنجي گهر ڀاتين جي جان کي خطرو آهي اسان حد جي پوليس کي آگاه ڪيو آهي پر پوليس جوابدارن کان ڳري رشوت وٺي ڪاروائي ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي هن چيو ته هن وقت منهنجي ۽ گهر ڀاتين جي جان کي خطرو آهي هن ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي










