ڪراچي(رپورٽ باغي ساگر پنهوار)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سليڪٽيڊ کي ڀڄائڻو آهي، عوام اسانجو ساٿ ڏي. اهڙو اظهار هن قائداعظم جي مزار تي اسلام آباد ڏانهن شروع ٿيندڙ لانگ مارچ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وزيراعظم عمران خان تي يو ٽرن جا الزام هڻندي عوام جي زندگي مشڪل ڪرڻ ۽ مهانگائي ۾ اضافو ڪرڻ تي سخت تنقيد ڪئي. هن چيو ته اسين غير جمهوري حڪومت تي جمهوري حملو ڪرڻ لاءِ روانا ٿي رهيا آهيون ۽ غير جمهوري انداز ۾ مسلط ڪيل حڪمرانن جو تختو اونڌو ڪنداسين.
ان کان اڳ هو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، پي پي سنڌ جي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو ۽ ٻين پي پي جي وزيرن، مشيرن ۽ ڪارڪنن سان گڏ وڏي پروٽوڪل ۾ بلاول هائوس کان مزار قائد لاءِ روانو ٿيو. هن کي سندس ننڍي ڀيڻ آصفه ٻانهن تي امام ضامن ٻڌو.
مزار قائد تي سعيد غني ۽ عاجز ڌامراهه سميت ڪيترائي اڳواڻ موجود هئا. قافلي سان گڏ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جيڪا ٽرڪ اسٽيج لاءِ 27 ڊسمبر 2007 تي استعمال ڪئي هئي، اها ٽرڪ لانگ مارچ جي قافلي سان گڏ گڏ هلدي رهندي. سندس تقرير کانپوءِ قافلو مزار قائد کان شاهراهه فيصل روانو ٿي چڪو آهي. هو گلشن حديد کان ٿيندو ٺٽو ۽ سجاول کان ٿيندي رات بدين ۾ قيام ڪندو.










