ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر 2 عورتون فوت

ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر 2 عورتون فوت

اوٻاوڙو(غلام علي رند)مريد شاخ ويجهو کنڀڙا ٿاڻي جي حد ريڻي ڪئنال وٽ ڪراسنگ دوران ٽرڪ جو موٽرسائيڪل سوارن کي ٽڪر جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار 2 عورتون ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويون. فوتين ۾ مائي اشرف ۽ نصرت شامل آهن پوليس موجب موٽرسائيڪل سوار پنجاب جي علائقي چوڪ چڍڙ کان ماڇڪو طرف وڃي رهيا هيا ته ريڻي ڪئنال وٽ انهن سان هي حادثو پيش آيو آهي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٽرڪ ۽  ڊرائيور کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو