ليکڪ عبدالفتاح عباسي
اميرالمومنين حضرت سيدنا علي المرتضيٰ شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم جن جو اسم مبارڪ “ علي” ڪنيت ابولحسين لقب ابو تراب آهي ، پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جا سئوٽ آهن، سڀ اڳ ۾ ننڍپڻ ۾ دولت ايمان کان مشرف ٿيا ۽ پاڻ ڪڏهن به بت پرستي نه ڪيائون، جهڙي طرح حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنه ڪڏهن به بت پرستي نه ڪئي هئي. هيءَ اسلام جي مبارڪ هستي عشره مبشره ۾ آهن، جن جي لاءِ جنت جي بشارت ۽ واعدو ڪيو ويو آهي، پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم جا سئوٽ هجڻ سان گڏ سندن جي نياڻي امان بيبي فاطمه الزهريٰ رضي الله تعاليٰ عنها جا گهر وارا به آهن ۽ حسنين ڪريمين رضوان الله تعاليٰ عليهم اجمعين جا بابا سائين به آهن. پاڻ بهادري، شجاعت، دليري ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن، جنهن ڪري سندن جو نالو عرب و عجم، بر و بحر ۾ يڪسان مقبول آهي. سندن جي هيبت، دٻدٻو اڄ به اسلام دشمن قوتن لاءِ للڪار ۽ سگهارو آواز آهي. اهڙي سندن جي عبادات جو شوق ذوق، رياضت جو عالم جڳ مشهور آهي. ڪروڙين اولياءَ ڪرام مولا علي مشڪل ڪشا شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم جي نور گنجينه سان مستفيض آهن ۽ سندن جا ارشادات فرمان هدايت وارن لاءِ علمي نور مثل روشنيءَ جا مينار آهن، هن ڪامل مقبول هستيءَ جي خوش بيان فصيح و بليغ معروف خطبات ۾ بلند پايه علمي حقيقتون سمايل آهن. سندن جي پوري زندگي سونهري اکرن ۾ لکڻ جهڙي آهي. پاڻ بني هاشم گهراڻي جا پهريان خليفه آهن ۽ سبطين ڪريمين حسنين جميلين سعيدين شهيدين رضي الله تعاليٰ عنهما جا والد ماجد آهن.سادات ڪرام ۽ اولاد رسول الله صلي الله عليه وسلم جو سلسلو پروردگار عالم انهيءَ مبارڪ هستي جي اولاد مان جاري فرمايو. پاڻ اسلام جي پرچار تحفظ جي لاءِ هر جنگ ۾ ميدان ماري ايندا هيا ۽ خيبر جي جنگ جي حوالي سان سائين ڪريمن صلي الله عليه وسلم بشارت ڏني هئي ته هيءَ جنگ علي المرتضيٰ شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم جي هٿان فتح ٿيندي. پاڻ انهي ڏينهن قلعه خيبر جو دروازو پنهنجي مٿان رکي ۽ انهي تي مسلمانن چڙهي ڪري قلعي کي فتح ڪيو. انهي کانپوءِ ان دروازي کي چاليهه ماڻهن به کڻڻ چاهيو ته نه کڻي سگهيا، اسلامي جنگين ۾ سندن جا ڪارناما تمام گهڻا آهن. حضرت شير خدا علي المرتضيٰ ڪرم الله وجهه الڪريم کي پنهنجن نالن ۾ “ ابو تراب ” معنيٰ مٽيءَ جو ابو ڏاڍو پسند هوندو هيو ۽ انهي نالي سان پاڻ ڏاڍا خوس ٿيندا هيا،انهي جو سبب هيءُ آهي ته هڪ ڏينهن پاڻ مسجد شريف ۾ ديوار ڀت جي ڀرسان ليٽيل هيا، پٺي مبارڪ تي مٽي لڳي وئي هئي حضور عليه الصلوات والسلام تشريف فرما ٿيا ۽ سندن جي پٺي مبارڪ تان مٽي ڇنڊي فرمايائون اجلس ابا تراب هيءُ پياري آقا و مولا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جو عطا فرمايل خطاب مولا علي شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم کي هر نالي کان وڌيڪ هيءُ پيارو پسنديده نالو لڳندو هيو ۽ پاڻ انهيءَ نالي سان حضور عليه الصلوات والسلام جي لطف و ڪرم جا مزا وٺندا هيا. هن مايه ناز هستي جا فضائل تمام گهڻا آهن حضرت سعد ابن وقاص کان روايت آهي ته حضور عليه الصلوات والسلام غزوه تبوڪ جي موقعي تي حضرت علي المرتضيٰ ڪرم الله وجهه الڪريم کي مديني طيبه ۾ اهلبيت جي حفاظت جي لاءِ مقرر ڪيو. جنهن تي حضرت علي المرتضيٰ ڪرم الله وجهه الڪريم عرض ڪيو آقا يارسول الله صلي الله عليه وسلم توهان مونکي عورتن ۽ ٻارڙن ۾ خليفو بڻائي وڃو ٿا ؟، حضور عليه الصلوات والسلام فرمايو ته ڇا توهان راضي ناهيو ته توهانکي منهنجي درٻار ۾ اهو مرتبو حاصل ٿئي جيڪو حضرت هارون عليه السلام کي درٻار حضرت موسيٰ عليه السلام ۾ هيو. حضرت سهل ابن سعد رضي الله عنه کان روايت آهي ته حضور عليه الصلوات والسلام خيبر جي جنگ جي حوالي سان فرمايو ته سڀاڻي مان انهي کي فتح جو جهنڊو ڏيندس جنهن جي هٿان الله تعاليٰ فتح فرمائيندو ۽ اهو الله ۽ رسول کي محبوب رکندو آهي ۽ الله ۽ رسول به انهيءَ کي محبوب رکندا آهن. اهڙي ڳالهه ٻڌڻ بعد سمورن غلامن ۾ تڙپ پيدا ٿيڻ لڳي ۽ هرهڪ جي آرزو ۽ تمنا رهي ته جيڪر الله جو رسول اها سعادت مونکي عطا فرمائين، اهڙي طرح انهن غلامن جي رات انهيءَ خواهش ۽ تمنا ۾ گذري جڏهن صبح ٿيو ته انهيءَ نعمت عظمه جي سعادت اسلامي فتح جو جهنڊو حضور عليه الصلوات والسلام ڏيڻ لاءِ فرمايو اين علي ابن ابي طالب علي ابن طالب ڪٿي آهي، عرض ڪيو ويو ته هو بيمار آهي انهيءَ جي اکين ۾ تڪليف آهي، وٺي اچڻ جو حڪم ڪيو ويو ۽ اهڙي طرح حضرت علي المرتضيٰ ڪرم الله وجهه الڪريم حاضر ٿيا، پياري آقا مولا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم پنهنجو لعاب دهن مبارڪ سندن جي اکين مبارڪن تي رکيو ۽ چشم بيمار جو علاج فرمائيندي دعا گهري ، اهڙي طرح دعا گهرڻ بعد ڄڻ ته درد ڪونه هيو ۽ ڄڻ بيمار ٿيا ئي ڪو نه هيا. ترمذي و نسائي و ابن ماجه حبش بن جهاده کان روايت آهي ته حضور عليه الصلوات والسلام جن فرمايو ته ؛ علي مني وانا من علي ( علي مون مان آهي ۽ مان علي مان آهيان)، انهي مان مولا علي مشڪل ڪشا شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم جو ڪمال بارگاهه رسالت مان ظاهر ٿئي ٿو. سبحان الله، امام مسلم حضرت علي شير خدا رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آڻيندي مفهوم فرمايو ته انهي جو قسم جنهن جانين کي پيدا ڪيو بيشڪ مون کي نبي عليه الصلوات والسلام ٻڌايو ته مون سان ايماندار محبت ڪندا ۽ منافق بغض رکندا. ترمذي ۾ حضرت ابوسعيد خدري رضي الله عنه فرمائين ٿا ته اسان جي ويجهو علي المرتضيٰ سان بغض رکڻ منافق جي علامت هئي انهي مان منافق کي سڃاڻي وٺندا هياسين.ابن عساڪر حضرت ابن عباس رضي الله عنه کان رويت ڪئي آهي ته حضرت علي المرتضيٰ شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم جي حق ۾ گهڻيون آيتون نازل ٿيون آهن، طبراني و حاڪم ۾ حضرت ابن مسعود رضِ الله عنه کان روايت آهي ته حضور عليه الصلوات والسلام فرمايو “ علي المرتضيٰ ڪرم الله وجهه الڪريم کي ڏسڻ عبادت آهي”، اهڙي طرح حديث پاڪ ۾ آيو ته جنهن علي المرتضيٰ ڪرم الله وجهه الڪريم کي ايذايو انهي مون کي ايذايو، اهڙي طرح جيڪڏهن مولا علي مشڪل ڪشا شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم جي پاڪيزه سيرت مبارڪه ڏي پڙهي ڏسنداسين ته اها عشق رسول الله صلي الله عليه وسلم ۾ ڀرپور ۽ ٽمٽار آهي. پاڻ ڪريمين صلي الله عليه وسلم جي بارگاهه بيڪس پناهه ۾ حسنين ڪريمين جي بابا سائين رضي الله تعاليٰ عنه جو مان، مرتبو نهايت عاليشان آهي. اسلام جي لاءِ وک وک تي جهڙي طرح مولاءِ ڪائنات سيدي مرشدي مولا علي مشڪل ڪشا ڪرم الله وجهه الڪريم لازوال ۽ بيمثال قربانيون ڏئي هڪ تاريخ رقم ڪئي آهي انهي جو مثال نٿو ملي سگهي. سندن جي 13 رجب المرجب تي ولادت باسعادت هڪ اهڙو خوشيءَ ڀريو ڀلارو ۽ متبرڪ ڏهاڙو آهي جنهن تي پوري دنيا ۾ عرش و فرش، زمين و آسمان تي مومن مسلمان عاشقان رسول نگر نگر وستي وستي اهي نعرا هڻندا رهندا ته “ فيضان مشڪل ڪشا ڪرم الله وجهه الڪريم جاري رهندو، هيءَ مبارڪ هستي اسلام جو جياپو ۽ زندهه جاويد هڪ حقيقت جو نالو آهي، ڇاڪاڻ ته مولا علي شير خدا جي مبارڪ نالي اسم وٺڻ سان درد، تڪليفون مرض بلائون، مصيبتون سڀ دور ٿي وينديون آهن ۽ الله ڪريم جي بارگاهه ۾ هيءُ اهڙو مبارڪ وسيلو ۽ ذريو آهي جنهن جي ذڪر ڪرڻ کي عين عبادت جو اعليٰ درجو ڪوٺيو ويو آهي. مولا علي پاڪ جي اسم مبارڪ کي بار بار هر بار وٺڻ سان جهانن مٿان ڪرم، لطف ۽ مهربانيون بيمثال ٿين ٿيون پوءِ ڇو نه سڀئي گڏجي با آواز بلند نعرو لڳايون نعره حيدري، ياعلي، يا علي، ياعلي مشڪل ڪشا ڪرم الله وجهه الڪريم ، يا الاهي رحم ڪرنا مصطفيٰ ڪي واسطي، يارسول الله ڪرم ڪيجي خدا ڪي واسطي، مشڪلين حل ڪر شهه مشڪل ڪشا ڪي واسطي، ڪربلائين رد شهيد ڪربلا ڪي واسطي. الله جا ڪرم جو ٽي سال اڳ 2019ع ۾ مولا علي ڪرم الله وجهه الڪريم جي مزار پاڪ ( نجف اشرف عراق) ۾ 13 رجب المرجب جشن ولادت مبارڪ سندن جي صحن پاڪ تي پاڻ پنهنجي گهر ڀاتين سان نهايت عقيدت ۽ احترام سان گڏ وڏي جوش جذبي ۽ عقيدت سان ملهايوسين ۽ هڪ پر وقار پروگرام تقريب جو بهترين اهتمام ڪيوسين . جنهن ۾ سنڌ جي مختلف شهرن جا عاشقان رسول وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا هيا. صديق ڪا فاروق ڪا، صدقه ملي عثمان ڪا ، مولا علي ڪي واسطي مين ديکهه لون روضه تيرا.










