روڊ چيڪنگ،1470 گاڏيون ضبط، اڍائي ڪروڙ ٽيڪس

روڊ چيڪنگ،1470 گاڏيون ضبط، اڍائي ڪروڙ ٽيڪس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ اينٽي نارڪوٽڪس مڪيش ڪمار چاولا جي هدايت تي هلندڙ روڊ چيڪنگ مهم جي پنجين ڏينهن تائين صوبي ۾ ڪل 19754 گاڏين جي چيڪنگ ڪئي وئي ته جيئن ٽيڪس ادا نه ڪندڙ گاڏين جي مالڪن کان ٽيڪس وصولي ڪري سگهجي. ڪراچي ۾ 3875، حيدرآباد ۾ 5495 ۽ سکر ۾ 2004 جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ 2697، ميرپورخاص ۾ 3338 ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 2345 گاڏين جي چيڪنگ ڪئي وئي. روڊ چيڪنگ مهم دوران مختلف سببن تي 1470 گاڏيون ضبط ڪيون ويون ۽ 2202 گاڏين جا ڪاغذ به ضبط ڪيا ويا.انهن گاڏين مان ڪل 2 ڪروڙ 51 لک 32 هزار رپيا ٽيڪس وصول ڪيو ويو. صوبائي وزير ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ اينٽي نارڪوٽڪس مڪيش ڪمار چاولا چيو ته ٽيڪس ادا نه ڪندڙ گاڏين جي مالڪن کان ٽيڪس وصولي جي مهم 18 فيبروري تائين جاري رهندي، گاڏي مالڪ فوري طور تي پنهنجا ٽيڪس جمع ڪرائين.

پهنجو تبصرو موڪليو