سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سياسي ڌرين پاران احتجاج

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سياسي ڌرين پاران احتجاج

ڪراچي(نمائندن وٽان) نواب ولي محمد ۾ ايس ايڇ او سميت مارجي ويل 6 ڄڻن جي قتل خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج ڪيو ويو. قومي عوامي تحريڪ، جسقم، ايس يو پي، عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ محاذ ۽ ٻين پارٽين پاران احتجاج ڪيو ويو. سکر، ڪنڌ ڪوٽ شڪارپور، خيرپور، نوشهروفيروز، دادو، جوهي، ڄامشورو، حيدرآباد، ميرپور خاص، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي جلوس ڪڌي سنڌ حڪومت ۽ زرداري خلاف نعرا هنيا ويا. مظاهرين قاتلن جي جلد گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو