ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان جي ثقافتي ڪميشن واري نائب سربراهه احمد الله واثق چيو آهي ته عورتن کي ڪرڪيٽ سوڌو ڪنهن به اهڙِي رانڊ جي اجازت نه ڏينداسين جنهن ۾ سندن جسم ۽ چهرو ڍڪيل نه هجي. آسٽريلوي ميڊيا سان ڳالهائيندي طالبان اڳواڻ چيو ته عورتن جو راندين ۾ حصو وٺڻ مناسب آهي ۽ نه ئي وري ضروري آهي، مخالفن جي رد عمل سبب اسلامي اقدار پائمال نه ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته هي ميڊيا جو دور آهي ۽ سمورا ماڻهو وڊيوز ۽ تصويرون ڏسندا آهن، امارات اسلامي افغانستان عورتن کي ڪنهن به اهڙي راند جي اجازت نه ڏيندو جنهن سان عورتن جو جسم ظاهر ٿئي. هن چيو ته هي في الحال عبوري حڪومت آهي، ٻئي مرحلي ۾ عورتن کي حڪومت ۾ شامل ڪيو ويندو. واضح رهي ته طالبان ٻه ڏينهن اڳ افغانستان جي عبوري حڪومت جو اعلان ڪيو هو جنهن ۾ ڪا به عورت شامل نه هئي، جنهن تي امريڪا ۽ يورپي يونين ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو.
’اسمبلين ۾ عوام جا نه پر اسٽيبلشمينٽ جا نمائندا ويٺا آهن‘
ميزائيل پرزن جي سپلائي، آمريڪا جي 4 ڪمپنين تي پابندي
نئون قرض پروگرام: آءِ ايم ايف پاران پاڪستان جي درخواست منظور
ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ برساتن سبب تباهي، فوتين جو انگ 61 ٿي ويو
ننڍي چونڊ دوران موبائل ۽ انٽرنيٽ معطل ڪرڻ جي سفارش
ٽيڪس وصولي ۾ ناڪامي، وڏي وزير جي سخت ڪاوڙ
جاپاني شهرين تي حملي جي ابتدائي جاچ ۾ اهم پيش رفت
ٻار ڄڻڻ ۽ ماءُ بڻجڻ وارن تجربن بابت زارا نور ڇا ٿي چوي؟
علامه اقبال ايڪسپريس جي انجڻ کي باهه لڳي وئي
بارش سبب 3 ڏينهن دبئي ۾ ڦاٿل ڪرڪيٽر آمريڪا پهچي ويا
يوڪرين پاران روسي جنگي جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ
ٽرمپ جي عدالت ۾ حاضري وقت هڪ شهري جي خود سوزي
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان