جيئي سنڌ جي تراني ۽ جهنڊي ۾ گل مُورو جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي

نوشهروفيروز(ن سنڌيار)نامياري اديب، شاعر، سياسي سماجي اڳواڻ ۽ پريس ڪلب نوشهروفيروز جي اڳوڻي صدر گل مُورو کي نوپور ڀرسان پنهنجي اباڻي قبرستان قاضي گل محمد ۾ سندس آخري آرامگاه تي اجرڪن ۽ جيئي سنڌ جي جهنڊن جون چادرون چاڙهي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ کيس قُل شريف سان گڏوگڏ جيئي سنڌ جي قومي تراني سان سلامي پيش ڪئي وئي.

Funeral prayer of Gul Mooro, Photo Sindhyar

ان کان اڳ سندس جنازي نماز ڳوٺ راهب مُورو ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل تاج جويو، مرڪزي پريس ترجمان آزاد انور ڪانڌڙو، اصغر ڀريائي ڀٽي، رواداري تحريڪ جي پنهل ساريو، اسد سولنگي، اڳوڻو ڊي سي شڪارپور سڪندر علي خشڪ،اڳوڻو ڊي اي او نوشهروفيروز نور احمد سولنگي، شاهه لطيف مورائي، گدا خاصخيلي، ڊاڪٽر نور مورو، رضا لانگاه، پريس ڪلب نوشهروفيروز جي صدر قاضي ذوالفقار، جنرل سيڪريٽري غلام مرتضيٰ تڳر، امجد ميمڻ، خادم حسين مري، ساگر يوسف منگي، مشتاق حسين مري، زاهد راڄپر، يونس راڄپر، علي نواز سولنگي، خادم سيال، شاهد چنه، مظهر خاصخيلي، ممتاز سولنگي، گلبهار مري، خير محمد کنڊ، سهيل راڄپر، قاسم اسراڻ، مسرور چانڊيو سميت پريس ڪلب جي سمورن ميمبرن شرڪت ڪئي. جنهن کان پوءِ سندس پونيئر ڀائرن ڪامل مورو، عبدالمجيد، عبدالرحمان، عبدالرحيم ۽ ٻين سان تعزيت دوران ڳالهائيندي تاج جويو چيو ته گل مورو يارن جو يار هو نوشهروفيروز ۾ قومي، ادبي ۽ صحافتي سرگرميون سندس دم قدم سان زندهه هيون اڄ نوشهروفيروز جي ادبي، قومي ۽ صحافتي زندگي ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي سو ڀرجڻ مشڪل آهي.

Life Time Picture of Gul Mooro, Photo Sindhyar

هن چيو ته گل مورو فڪر جي ايم سيد جو پيروڪار هو پر هن هر روشن خيال سيڪيولر ۽ سنڌ دوست ڌُر جو ساٿ ڏنو. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته گل مورو سنڌ جي قومي تحريڪ جيڪا رهبر سنڌ جي فڪر هيٺ هلندڙ ۽ جدوجهد ڪندڙ آهي ان جو سلڇڻو، سٻاجهڙو، باصلاحيت، بهترين ڪردار رکندڙ پڙهيل ڳڙهيل قومي ادب سان دلچسپي رکندڙ هيو. نوشهروفيروز ضلعي جي صحافين جي سٿ جو ايماندر ڪردار ادا ڪندڙ شخص هو جنهن جو وڇوڙو خاص طور تي قومي تحريڪ لاءِ وڏو نقصان آهي. اصغر ڀريائي ڀٽي چيو ته گل مورو پنهنجي نالي جي نسبت سان خوشبودار رهيو هن جي روشن خيالي، ٻولي سان محبت، ادب، قوم ۽ اجتماعي جاکوڙ سڀاويڪ رهيو، سچو خرو، بيباڪ، جرئتمند ڪردار هن جي تصنيف، تحقيق ۽ تقرير کي تا ابد دلين ۾ زندهه رکندو. واضح رهي ته گل مورو پنهنجي ڀائرن کان علاوهه 3 پٽ ۽ 2 نياڻيون سوڳوار ڇڏيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو