ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي گلوڪارا، اداڪارا ۽ ٽيلي وي اسٽار صوفيه حيات سلمان خان ۽ ڪرن جوهر تي الزام هڻندي چيو ته آهي ته هي ٻئي تشدد کي هٿي ڏيندا آهن ۽ پروگرام بگ باس ۾ پنهنجن کي نوازيندا آهن. هن چيو ته فلم پروڊيوسر ۽ هدايتڪار ڪرن جوهر، بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان کان وڌيڪ خراب آهي.

بگ باس جي اڳوڻي ڪنٽيسٽنٽ صوفيه حيات اها ڳالهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. هن چيو ته بگ باس ۾ اهي ٻئي پنهنجا نوازي ڪندا آهن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن ان قسم جو شو برطانيا ۾ هجي ها ته فوري طور تي آف ايئر ڪيو وڃي ها، ان جوسبب اهو آهي جو ان ۾ تشدد تي ٻڌل رويي کي هٿي ڏني ويندي آهي. اداڪارا صوفيه حيات جو چوڻ هو ته ڪرن جوهر ماڻهن جي توهين ڪندو آهي.










