امتياز شيخ جي شمن ميرالي سان تعزيت، سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا

امتياز شيخ جي شمن ميرالي سان تعزيت، سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا

ڪراچي (نمائندن وٽان) توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ سنڌ جي ناليواري راڳي شمن ميرالي سان سندس ڀاڻج جي قتل تي تعزيت ڪندي قاتلن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي. شمن ميرالي جي ڀاڻج کي پٺاڻن جمالي پل وٽ گوليون هڻي قتل ڪيو هو. سهراب ڳوٺ ٿاڻي تي ڪيس به داخل آهي پر اڃا گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي. ٻئي پاسي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ احتجاج جو سلسلو به هلندڙ آهي. خيرپور ناٿن شاهه، گهوٽڪي سميت مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. جوهي مان منصور گاڏهي موجب جوهي ۾ فنڪار ويلفيئر آرگنائيزيشن جي سڏ تي ڪراچي ۾ پٺاڻن هٿان بيگناه شھيد ٿيل بابر علي ميرالي جي قاتلن جي گرفتاري نه ٿيڻ خلاف شهيد مخدوم بلاول پارڪ کان پريس ڪلب جوهي تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

Photo Sindhyar

حامد لاشاري, خليل عارف سومرو, روشن جان ميمڻ, يونس سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي جوهي دادو روڊ تي ڌرڻو هنيو, ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي نامياري راڳي شمن علي ميرالي جي ڀاڻج بابر علي ميرالي کي ڪراچي ۾ دهشتگرد پٺاڻن   بيگناھ قتل ڪيو آهي, پوليس قاتل پٺاڻن کي گرفتار ڪرڻ بجاء خاموش تماشائي بڻيل آهي, هنن چيف جسٽس آف پاڪستان, وزيراعلي سنڌ, آء جي سنڌ سميت وس وارن ۽ اعلي اختيارين کي اپيل ڪندي چيو ته شهيد بابر علي ميرالي جي قاتلن کي گرفتار ڪري سندن مٿان قانوني ڪاروائي ڪري وارثن سان انصاف ڪيو ٻي صورت ۾ احتجاجي سلسلو جاري رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو