لاهور (ويب ڊيسڪ) اداڪاره بشريٰ انصاري ۽ ٽڪ ٽاڪ اسٽار جنت مرزا سوشل ميڊيا تي آمهون سامهون اچي ويا. تازو ئي ٽڪ ٽاڪ اسٽار جنت مرزا جي خلاف مسيحي برادري جذبات مجروح ڪرڻ تي ايف آءِ اي ۾ درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جنت مرزا ڪرسچن ڪميونٽي جا مذهبي جذبا مجروح ڪرڻ لاءِ گرفتار ڪيو وڃي.اداڪاره بشريٰ انصاري جنت مرزا جي خلاف درخواست داخل ٿيڻ تي رد عمل ڏيندي ان مٿان تنقيد ڪئي آهي ۽ کيس جاهل اسٽارز قرار ڏيندي چيو آهي ته افسوس هنن کي نه اسلام جي خبر آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن ٻئي مذهب جي. بشريٰ انصاري جو اهو تبصرو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي.جنت مرزا بشريٰ انصاري کي جواب ڏيندي چيو آهي ته امان جي(آنٽي بشريٰ) مهرباني ڪري ڪجهه ڄاڻڻ کان سواءِ ڪنهن جي باري ۾ فيصلو نه ڪريو. مان اوهان جي گهڻي عزت ڪندي آهيان پر حقيقت ڄاڻڻ کان سواءِ ڪنهن کي اهڙي طرح سان بدنام نٿو ڪري سگهجي. اسلام جي ڳالهه اوهان ڪيئن ڪري سگهو ٿا. آنٽي اوهان ڪا تبليغي پارٽي ته نه هلائي رهيا آهيو.جنت مرزا وڌيڪ لکيو ته اوهان به گانا ڳائينديو آهيو، ڊانس ڪنديون آهيو، ايوارڊ شوز تي ڊانس پرفارمنس اوهان ڪيا. پر اڄ ٻين تي تنقيد؟ واهه اڄ احساس ٿيو واقعي اوهان وٽ دل نه آهي. مان بس ايترو چوندس ته ڪنهن تي تنقيد ڪرڻ کان اڳ پنهنجي گريبان ۾ ضرور ڏسو. وقت ڪڍي پهريان حقيقتون ڏسو پوءِ تنقيد ڪريو. الله خوش رکي اوهان کي امان جي.
صحافين ۽ پريس ڪلبن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪبا،ميمڻ
سنڌ جي صنعتي زونن ۾ انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻايو ويو، ڌاريجو
جماعت اسلامي جو 16 مئي تي حڪومت خلاف مارچ جو اعلان
ٽئلينٽ کي هٿي ڏيڻ لاءِ عابده پروين جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو
دبئي ۾ پرڏيهين جي 400 ارب ڊالرن جي ملڪيت، پاڪستاني شامل
گهارو ۾ ساليانو ترقياتي ڪم ڪرايو ويندو،ڪارپوريشن
آڊيو ليڪس ڪيس ۾ پيغام مليو ته پوئتي هٽي وڃو: جسٽس بابر ستار
سرڪاري کاتن ۾ وڏي پيماني تي ڀرتين جي منظوري
جسٽس ستار جي خاندان جي معلومات ليڪ ڪرڻ تي نوٽيس
گڏيل ڪوششن سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ احتجاجي تحريڪ ختم ٿي
قومي سلامتي جي معاملن کي خطن وانگر عام نه ڪرڻ گهرجي: عطاءُ تارڙ
مدئجي ۾ ڀائرن جو جهيڙو، وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل
دادو ۾ انينگري سان جنسي زيادتي، وڊيو رڪارڊ، 3 جوابدار گرفتار
190 ملين پائونڊ ڪيس،خان جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ
نيب ترميمي ڪيس ۾ خان کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪرڻ جو حڪم
نان فائلرز جو سمون بلاڪ نه ڪريو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ
رفح ۾ اسرائيلي حملا جاري، حماس جي حملن ۾ اسرائيلي فوجي زخمي
نابالغ ڇوڪري جو نڪاح ڪرائيندڙ خلاف ڪارروائي جو حڪم
عمران خان جو جيل مان نڪرڻ ئي پاڪستان جي مسئلن جو حل آهي
آزاد ڪشمير جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، حافظ نعيم