ايس يو پي پاران قبيلائي جهيڙا ختم ڪرائڻ لاء احتجاج

ايس يو پي پاران قبيلائي جهيڙا ختم ڪرائڻ لاء احتجاج

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ امداد بنگوار) ڪنڌڪوٽ، سنڌ يونائٽيڊ پارٽي طرفان قبيلائي جهيڙا ختم ڪرائڻ لاء احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.ايس يو پي ضلع ڪشمور طرفان ڪنڌڪوٽ سٽي پارڪ کان لائيبريري چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ قبيلائي جهيڙا ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ان موقعي تي ايس يو پي جي ضلع صدر دلمراد ڏاهاڻي جو چوڻ هو ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ اندر قبيلائي جهيڙا ناسور بڻجي چڪا آهن هر شهري کي انهن جهيڙن خلاف آواز بلند ڪرڻو آهي، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته قبيلائي جهيڙن جي ڪري ڪاروباري طبقي جو ڪاروبار تمام وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، جيسيتائين قبيلائي جهيڙا ختم نه ڪيا ويندا تيسيتائين شهر توڙي علائقي ۾ امن امان جي صورتحال متاثر رهندي، هن احتجاجي ريلي ۾ سياسي، سماجي، مذهبي ۽ سول سوسائٽي جي دوستن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ سڀني جو هڪ ئي مطالبو هيو ته قبيلائي جهيڙا ختم ڪريو۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو