اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽن اضافي ججن کي هٽائڻ جو فيصلو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽن اضافي ججن کي هٽائڻ جو فيصلو

اسلام آباد( رپورٽ الله وسايو گهوٽو) چيف جسٽس جي صدارت هيٺ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽن اضافي ججن کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جڊيشل ڪميشن اضافي ججن کي مستقل نه ڪرڻ جي سفارش ڪئي. فارغ ٿيندڙن ۾ جسٽس فياض جندران، جسٽس لبنا پرويز ۽ جسٽس غلام اعظم قمبراڻي شامل آهن. جڊيشل ڪميشن منظوري جي لاءِ سفارشون پارلياماني ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيون. جڊيشل ڪميشن آخري اجلاس ۾ ٽنهي ججن کي ڇهن مهينن جي توسيع ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو