اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس جا هاڃا جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وگهي 74 ڄڻا فوت ٿي ويا، وائرس وگهي فوتين جو مجموعي انگ 19 هزار 617 ٿي ويو ، سرڪاري پورٽل موجب 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 3 هزار 232 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن ۽ 24 ڪلاڪن دوران 36 هزار 725 ماڻهن جي ٽيست ڪئي وئي، هاڪاري ڪيسن جي شرح 8 ڏهائي 80 سيڪڙو رهي، ملڪ ۾ ڪورونا سبب مجموعي طور تي 19هزار617 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ ڪل ڪيسز جو تعداد8لک80هزار362 ٿي ويو آهي جڏهن ته هن وقت تائين ڪورونا وائرس کان 7لک92هزار522 ماڻهو صحتياب به ٿي چڪا آهن، جڏهن ته هن وقت تائين 9 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي وئڪسين لڳائي وئي آهي.
.










