جنھن کي رب رکي تنهن کي ڪير چکي

جنھن کي رب رکي تنهن کي ڪير چکي

تحرير محمد فاروق ٻرڙو

اسان ڪورونا وائرس بابت پڙھندڙن کي ڄاڻ ڏيڻ جي لاءِ ھر ممڪن ڪوششون ڪري رهيا آھيون، جڏهن ته سنڌ ۾ ظاهر ٿيندڙ ان نئين وائرس کان پوءِ اسان عوام کي اپيل ڪنداسين ته اھا ھاڻي ڪورونا وائرس خلاف ھلندڙ مفروضن کي پاسيرو رکي ان جي حقيقت کي تسليم ڪندي احتياطي تدبيرن کي سختي سان عمل ڪن ڇاڪاڻ ته اسان وٽ اسپتالن ۾ ايتري سگهه ئي ناهي جو اھي ھڪ يا ٻن ھزارن جي تعداد ۾ مريضن کي ھڪ ئي وقت آڪسيجن فراهم ڪري سگھن، جيڪا ڪورونا وائرس جي متاثر مريضن لاءِ تمام ضروري هوندي آهي،ڪورونا وائرس ۾ جيتوڻيڪ ھزارين ماڻھو پنھنجيون جانيون وڃائي چڪا آهن، ڪيترائي گھر ويران ۽ ٻار يتيم ڪري وئي آهي، سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيندڙ مريضن جو انگ ڪروڙن ۾ وڃي پھتو آھي، ان ھوندي به اسان جي ملڪ جو عام ماڻهو ڪورونا وائرس کي اڄ به ڪوڙ سمجهي ٿو، جيئن اسان جي عام ماڻهو جي ذھن ۾ اھا ڳالھ گھر ڪري ويٺل آهي يا وري گھر ڪري ويھي رھي آھي ته زندگي ۽ موت الله پاڪ جي ھٿ ۾ آھي، (جنھن کي رب رکي تنهن کي ڪير چکي) يا سنڌ جي عظيم دانشور شاہ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي جواڻي موجب تڏهن ڦڪيون فرق ڪن جڏهن امر ڪرين ان کي، ھونئن به ڪورونا وائرس جي مرض جو علاج سڄي دنيا جي سائنسدانن ڏينهن رات جي مٿاخوري کان پوءِ اڃا تائين ھٿ ڪري نه سگھيا آهن،جڏهن ته جيڪا ويڪسين مارڪيٽ ۾ آندي وئي آهي اھا ته ڪورونا وائرس جو علاج ناهي پر اھا مختلف ويڪسين جھڙي آهي، جن مان ھڪ پوليو جي ڦڙن جي شڪل ۾ پوليو کان بچاءَ جي سلسلي ۾ استعمال ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته پوليو ٿيڻ کان پوءِ جو اڃا تائين ڪو علاج دريافت نه ٿي سگھيو آهي، ساڳئي طرح ڇتي ڪُتي جي ڏاڙھڻ کان پوءِ جيڪا ويڪسين لڳائي وڃي ٿي، اھا به مريضن جي ڇتو ٿيڻ کان اڳ لڳائي وڃي ته ڪارگر ٿيئي ٿي، پر جيڪڏهن ڇتي ڪُتي جي چڪ سبب ڪو مريض ڇتو ٿي پئي ٿو ته پوءِ ان جو ڪو علاج نه آهي، ۽ نه ئي ڪا دوا اثر ڪري سگهي ٿي، ساڳئي طرح ڪورونا وائرس جي مرض کان بچاءَ لاءِ جيڪا ويڪسين تيار ڪئي وئي اھا به ڪورونا ٿيڻ کان اڳ انسان جو بچاءُ نه ٿي ڪري اڪثر ماڻھن کي حيرت ان ڳالھ تي به آهي ته ڪورونا جو مرض چين کان ئي آيو ۽ چين وارن نه ڪجھ ھفتن اندر ڪورونا تي ضابطو آڻي ڇڏيو، جڏهن ته ڪورونا کان بچاءَ جي ويڪسين به چين پاران تيار ڪئي وئي آهي، جيڪا تجربي طور تي پاڪستان کي مفت ۾ فراهم ڪئي وئي آهي،ڪورونا وائرس جي ويڪسين جا سائيڊ افيڪٽس ڪھڙا ٿيندا تنھن بابت ته اڃا نتيجا سامهون اچڻا آهن ٿي سگهي ٿو ته ڪجھ عرصي کانپوءِ اوچتو اھا خبر عام ٿيڻ لڳي ته فلاڻي شخص کي جيڪو مرض لڳو آهي، ان جو بنيادي سبب اھا ڪورونا ويڪسين ئي ھئي، بھرحال اسان ڪورونا وائرس جي ويڪسين جي اثرن بابت ڪي گھڻا مثال ته نه ٿا ڏيئي سگھون، بھرحال جيڪا به صورتحال ھجي ڪورونا جي ويڪسين ته اسان جي ملڪ ۾ اچي وئي آهي، جيڪا ملي ته مفت ۾ آهي، جھڙي ريت ھزارين ڪوششن باوجود ملڪ مان پوليو جو خاتمو ٿي نه نسگھيو آهي، تھڙي ريت ڪورونا جو مرض به اسان وٽ ڪيئي ڏهاڪا کائڻ کان پوءِ ختم ٿي نه سگھندو ۽ عام ماڻهو ان موذي مرض جو شڪار ٿيندا رھندا ۽ عوام وري به اھا ئي ڳالھ ڪندو رھندو ته ڪورونا وائرس ڪو مرض ئي ناهي، اھو ھڪ ڊرامو آهي ته جيئن پرڏيهي ملڪن کان امداد حاصل ڪئي وڃي ته جيئن ملڪ کي ھلائي سگھجي،

پهنجو تبصرو موڪليو