محبوب کي قدمن ۾ آڻڻ جون دعوائون ڪندڙ 2 ڀوپا گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جادو ٽوڻن ذريعي محبوب کي قدمن ۾ آڻڻ جون دعوائون ڪندڙ 2 ڀوپا پاڻ جيل ڀيڙا، ڪراچي ۾ رينجرز ٻن ڀوپن اويس ۽ ارسلان کي گرفتار ڪري ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو، عدالت ٻنهي ڀوپن کي جيل اماڻڻ جو حڪم ڏيندي ايف آءِ اي کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي، جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي جج ريمارڪس ڏيندي چيو ته معصوم ماڻهو ڀوپن جي ڪوڙين دعوائن ۽ ڳالهين ۾ ڦاسي پوندا آهن، ٻڌايو وڃي ته گرفتار ڀوپن ڪيترن ماڻهن کي متاثر ڪيو آهي؟ ايف آءِ اي آفيسر عدالت کي آگاهي ڏني ته جوابدارن معصوم ماڻهن کي بيوقوف بڻائي پئسو ڪمايو، ٻئي ڀوپا ماڻهن کي محبوب قدمن تي آڻڻ جو ڏٽو ڏيندا هئا، گرفتار جوابدارن کا پُڇاڳاڇا جاري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو