ڇا واقعي پي ڊي ايم ن ليگ جي ب ٽيم آھي

تحرير عبدالمجيد بروھي 

پي ڊي ايم کي ٺاھيندڙ پ پ پ آھي ان پ پ پ جي ڪوششن سان پي ڊي ايم جو بنياد وڌو ويو مزي جي ڳالھ اھا آھي تـ چئني صوبن ۾ سڀني کان وڌيڪ مقبول پارٽي پ پ پ آھي انجي باوجود پ پ پ پاران پي ڊي ايم جي سربراھ لاء مولانا فضل الرحمان ۽ جنرل سيڪريٽري لاء ن ليگ جي شاھد خاقان تي راضپو ڏيکاريو انجي باوجود اڄ پ پ پ وارن تي ن ـليگ وارا الزام ھڻي رھيا آھن تـ پي ڊي ايم کي نقصان پھچائيندڙ پ پ پ آھي مان اھو چوندس ۽ انھن کان پڇڻ چاھيان ٿو تـ پي ڊي ايم کي ڇو ٺاھيو ويو ھيو انجي لاء تـ پي ٽي آء جي صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن کي گھر ڀيڙو ڪيو وڃي پوء جڏنھن پ پ پ پاران انجي شروعات آئيني طريقي سان پنجاب کان شروع ڪرڻ جي لاء تجويز پيش ڪئي وئي تـ پوء ڇو ۽ ڇا جي لاء مريم نواز صاحبا بوزدار سرڪار کي ھٽائڻ کان صاف انڪار ڪيائين جڏنھن پي ڊي ايم ۾ شامل تمام جماعتن اھو چئي پي ڊي ايم ٺاھيو ھيو تـ ھر حال ۾ پي ٽي آء حڪومت کي ختم ڪراينداسين پوء بوزدار حڪومت کي ن ليگ وارا ڇو بچائي رھيا آھن پ پ پ تي الزام اھو آھي تـ ھنن بي اي پي کان ووٽ ورتا آھن ان سان پي ڊي ايم کي نقصان پھتو آھي ڇا انھن کان اھي ڳالھيون وسري ويون آھن تـ بي اي پي تـ صرف پي ٽي آء جي ننڍي اتحادي جماعت آھي اصل دشمن تـ پي ٽي آء آھي عوام دشمن پي ٽي آء آھي ان جي خلاف ئي پي ڊي ايم ٺاھي وئي ھئي پوء ڀلا مسلم ليگ ن واران ڪنھن جي چوڻ سان ڪنھن جي اجازت سان پنجاب اسيمبلي ۾ پي ٽي آء ساـ سينيٽ اليڪشن ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪري اتان پنھنجا ۽ پي ٽي آء جا سينيٽر بنا مقابلي چونڊرايا ھيا جنھن کي اڄ مريم صاحبا چوي ٿي مان ووٽ چور سمجھان ٿي ھو ووٽ چور وزيراعظم آھي ان کي مان وزيراعظم نٿي مڃان پوء ان سان پنجاب ۾ ٺاھ ھنن ڇو ڪيو  پ پ پ مٿان الزام ھڻڻ کان اڳ ۾ ن ليگ وارا پنھنجي گريبان ۾ بـ جھاتي پائي ڏسن تـ بھتر آھي اندران ملاقاتون ڪري پي ٽي آء سميت مٿين سان ٺاھ لاء ڪوششون ھن وقت ن ليگ وارا ڪري رھيا آھن  ن ليگ وارا محمد زبير کي اڌ رات جو ڀائو وارن سان ملاقات لاء ڇو موڪليو ھيو ايڏي وڏي ڪوڙي عمران خان کان رحم جي اپيل ڪري ٻاھر ويندڙ زرداري نـ پر نواز شريف آھي پي ڊي ايم کي پنھنجي اشارن تي ھلائڻ جي ڪوشش ن ليگ وارا ڪري رھيا آھن لانگ مارچ جي اعلان بعد پوري ملڪ ۾ لانگ مارچ جي تيارين جي حوالي سان پ پ پ پاران سڀ تياريون ڪيون ويون ھيون پر ن ليگ وارن ان سلسلي ۾ ڇو ڪجھ نـ ڪيو ھيو اڄ بـ پ پ پ پي ٽي آء خلاف ميدان ۾ آھي پر۔  ن ليگ وارا اندران اندران ڊيل ڪرڻ ۾ لڳل آھن ن ليگ وارن جي تڪڙ ۽ شھنشاھي سوچ جي ڪري اڄ پي ڊي ايم تقريبن ٽٽي چڪي آھي ڪي پي ڪي ۽ پاڪستان ۾ پختونن جي نمائندگي ڪندڙ وڏي ۾ وڏي عوامي پارٽي پاران ن ليگ جي بادشاھي سوچ جي ڪري پي ڊي ايم کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي پ پ پ پاران اڄ يا سڀاڻي پڻ ان سلسلي ۾ سخت فيصلو ڪيو ويندو جنھن بعد پي ڊي ايم ن ليگ جي بي ٽيم ئي رھجي ويندي جيڪي پي ٽي آء حڪومت تـ ڇا ڪنھن  کي بـ ڪجھ نـ ڪري سگھندا .

پهنجو تبصرو موڪليو