ڪانگريس ميمبرپاران ماحولياتي ڪانفرنس ۾ پاڪستان کي دعوت جو مطالبو

واشنگٽن( ويب ڊيسڪ)آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر آبهوا بابت صدارتي نمائندي جان ڪيري کي خط لکي مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلي ڪانفرنس ۾ گهرايو وڃي.ڪانگريس جي ميمبر ٽيڊ ڊبليو خط ۾ لکيو آهي ته پاڪستان ماحوليات کان متاثر دنيا جو پنجون وڏو ملڪ آهي، تنهن ڪري ان کي نه گهرائڻ سمجهه کان مٿي آهي، هن جو چوڻ هو ته پاڪستان 22 ڪروڙ آبادي رکندڙ ملڪ آهي، آلودگي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي اهميت آهي.ٽيڊ ڊبليو وڌيڪ لکيو ته پاڪستان جي پاڙيسري ملڪن بنگلاديش ۽ ڀارت کي دعوت ڏني وئي آهي، تنهن ڪري پاڪستان کي به شامل ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو