آخر عوام سان انصاف ڪڏهن ٿيندو ؟

رپورٽر ڊائري: ٽنڊو غلام حيدر مان مير حسن رند                  

قدرتي مالي وسيلن سان مالا مال ۽ ڏيڍ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ماهوار بجيٽ رکندڙ 8 يونين ڪائونسلن تي مشتعمل تعلقي ٽنڊي غلام حيدر  جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ٻهراڙي واري ڳوٺن ۾ ڪي به بنيادي سهولتون اڄ ڏينهن تائين ميسر نه ٿي سگهيون آهن. جنهن جي ڪري سمورا رهواسي مشڪلاتن ۾ پنهنجي زندگي گذارڻ تي مجبور؛ ۽ بيوس بڻيل آهن. تڪ جا سياسي چونڊيل نمائندا ووٽ وٺڻ کان پوء عوام جي ڏسڻ لاءِ مهانگا ٿي ويا آهن.  جنهن جي ڪري 3 لکن جي برابر انساني آبادي رکندڙ تعلقي ٽنڊي غلام حيدر جي ڏتڙيل ۽ بي سهارا عوام اڄ به مها مهانگائي جي دور ۾ پٿر واري زندگي گذارڻ تي غمگين ۽ مايوس آهي جڏهن ته اليڪشن جي وقت چونڊيل نمائندن جي سياست جا انوکا رنگ روپ ڏسي ۽ خالي کوکلن دلاسن توڙي  آسرن جي ور چڙهي ويل ان سموري عوام کي بيوقوف بڻائي ان کان پنهنجو قيمتي ووٽ وٺي ساڳئي عوام کي وڏا وڏا آسرا دلاسا ڏيئي سياسي نمائنده پاڻ ته اعلي ايوانن ۽ وڏين وڏين سڻڀين ڪرسين تائين پهچي پنهنجي منزل ته ماڻي وٺن ٿا پر عوام ويچاري جي ڪو خبر وٺڻ لاءِ تيار ناهي. منهنجي نظر ۾ عوام کي ووٽ ڏيڻ وقت سوچڻ گهرجي ۽ پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو وهائڻ جا هو پاڻ به ذميوار آهن. اياز لطيف پليجو چواني ان مهل برياني جي پليٽ تي واهه واهه ڪندي ووٽ ته ڏين ٿا پر پوءِ پڇتائيندا آهن.

تعلقي ٽنڊي غلام حيدر جا سمورا روڊ انصاري شگر ملز کان مويا تائين ۽ ستر موري کان حاجي صوڀو خان چانڊيو تائين مين روڊ توڙي سوين ڳوٺن جا لنڪ رستا روڊ هر جڳه  هنڌان هنڌان اکڙي ٽُٽُي تباهه ۽ برباد ٿي ويا آهن. ان کان علاوه تعلقي ٽنڊي غلام حيدر جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۽ مين سرڪاري اسپتال سميت ايمبولينس نه هجڻ ڪري اڪثر روڊ حادثن ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهون ڪلاڪن جا ڪلاڪ روڊن تي تڙپندا رهن ٿا جن کي ٽيڪسي گاڏين يا ته وري پوليس موبائلن ذريعي کڻي اسپتال تائين پهچايو وڃي ٿو جنهن دوران ڪافي زخمي طبي علاج لاء اسپتال پهچڻ کان پهرين ئي ڌم ڌڻي حوالي ڪريو ڇڏين ٿا. ٻي ڳالهه اها به آهي ته تعلقي جي سرڪاري اسپتال ۾ خاطر خواه سهولتون ميسر نه هجڻ ڪري ايمرجنسي دوران علاج ڪرائڻ لاء ايندڙ ماڻهن کي اسپتال انتظاميا هٿ ٺوڪيا علاج نه ٿيڻ جا ڪوڙا جواز ڄاڻائي کين حيدرآباد سميت پرائيوٽ اسپتالن ۾ علاج ڪرائڻ لاء ريفر ڪري ٿا ڇڏين.

ڪرپشن جو ناسور هر اداري ۾ موجود آهي، ڪاغذي ڪاروائي ڪري بجيٽ هڙپ ڪئي وڃي ٿي، ڪو پڇڻ وارو ناهي. نيٻ ۽ اينٽي ڪرپشن جيڪڏهن رڪارڊ چيڪ ڪري ته ڪروڙن جا گهپلا سامهون ايندا. تعلقي اندر مقامي ٽائون ملازمن جي حقن تي ڌاڙو هڻي انهن کي مسلسل نظر انداز ڪري ڪامورن جي ملي ڀڳت سان ڌارين ۽ ٻاهران آيل ماڻهن کي خوش ڪرڻ به نئين ڳالهه نه آهي هر طرف کان تعلقي جا رهواسي مصيبتن ۾ مبتلا آھن جنهن جو ڪو به داد فرياد ڪرڻ وارو ناهي ان کان علاوه ڪافي زبون حالي جو شڪار ٿيل سوين اسڪول بلڊنگون ؛ ڪاليج؛ سولر سسٽم؛ آر او پلانٽ؛ ڊرينج سسٽم جو ناڪاره ٿيڻ؛ منشيات جو عام هجڻ رولو ڪتن جي آزار توڙي جو سم نالن جون کاٽيون وڏي عرصي کان لاڳاپيل انتظاميا جي عدم دلچسپي سبب ڪاغذي ڪاروائين عيوض اڌوريون رهجي ويون آهن. جنهن جي ڪري تيز برساتن پوڻ جي موسم ۾ تعلقي ٽنڊي غلام حيدر جي هزارين آبادگارن جون لکين ايڪڙن تي مشتعمل پوکيل زرعي فصل تباهه ٿي وڃن ٿا. هر سال مقامي ننڍن توڙي وڏن آبادگارن سميت هارين جا فصل برساتي پاڻي جو نيڪال نه هجڻ ڪري سڙيو تباهه ٿيو وڃن. اها ڪيڏي نه وڏي بدنصيبي آهي جتي تعلقي جا سمورا مسڪين ماروئڙا هاريئڙا جڏهن سانوڻي جي تيز برساتن ۽ طوفانن ۾ سندن ڪکاوان اجها ڊهي پٽ پئجي وڃن ٿا ۽ سندن معصوم ٻچڙا نياڻيون چوپائي مال سميت روڊن ۽ رستن تي پنندا رهن ٿا. ان وقت سياسي ليڊر ڪجهه ڪلاڪن لاء نڀاڳ جي ننڊ مان اٿي انهن مسڪينن بي سهارن يتيمن کي آٿت ۽ دلاسو ڏيڻ لاء روڊن تان پار ٿيندي وڏين گاڏين جي قطارن ۽ پروٽوڪول ۾ پوليس موبائلون ساڻ ڪري فوٽو سيشن ڪري هليا وڃن ٿا. چونڊيل نمائندن پاران مشڪل وقت ۾ ڪيل غريب مسڪين ماڻهن سان وڏا وڏا واعده ۽ وچن مدي خارج گوري جيان ثابت ٿيندا آهن. عوام کي سوچڻ گهرجي هو ٻڌي ڪري ويڪائو وڏيرن جو گهيراءُ ڪن نه ته سالن کان جيئن تباهه حال آهن ايئن ئي پنهنجي قسمت تي روئيندا رهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو