ٿر بدليندو پاڪستان، ٿرپارڪر ۾ ٿيل ۽ ٿيندڙ ترقياتي ڪم

ٿر بدليندو پاڪستان، ٿرپارڪر ۾ ٿيل ۽ ٿيندڙ ترقياتي ڪم

تحرير : سوائي خان ڇلگري

ٿرپارڪر سنڌ صوبي جو مذهبي ، رواداري ، امن ۽ ڀائيچاري جي حوالي سان هڪ مثالي ضلعو آهي . ٿرپارڪر ضلعي جو هيڊڪوارٽر مٺي آهي ۽ هي ايراضي  هندو آبادي جي لحاظ کان سنڌ جي مڙني ضلعن کان وڌيڪ آهي .

ٿر جي ٽوٽل آبادي 16 لک 49 هزار 661 آهي ۽ ايراضي جي لحاظ کان 22 هزار اسڪوائر ڪلو ميٽر تي پکڙيل وارياسو علائقو آهي  جنهن ۾ 7 تعلقا مٺي ، اسلام ڪوٽ ، ننگرپارڪر ، ڇاڇرو ، ڏاهلي ، ڪلوئي ۽ ڏيپلو شامل آهن . جنهن ۾ 64 يونين ڪائونسل ،  172 ديهه ۽ 2365 ڳوٺ آهن . سياسي نمائندگي جي حوالي سان ٻه ميمبر قومي اسيمبلي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي ، پير امير علي شاهه ، ٻه سينيٽر انجنئير گيانچند ، سينٽر ڪرشنا ڪماري،  ميمبر صوبائي فقير شير محمد بلالاڻي ، ارباب لطف الله ، قاسم سراج سومرو  ۽ وڏي وزير جو صلاحڪار ويرجي ڪولهي  ۽ ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ شامل آهن .

ٿر سڀ کان وڌيڪ قيمتي قدرتي معدنيات جهڙوڪ : چيني مٽي ، لوڻ ، گرينائيٽ ، ۽ ڪوئلي سان مالا مال آهي . ٿر ۾ 175 ارب ٽن ڪوئلي جو ذخيرو موجود آهي جيڪو 9 نو  هزار چورس ڪلو ميٽر تي پکڙيل آهي ۽ جڏهن ته ڏهه مختلف رنگن جو 26 ارب ٽن گرينائيٽ موجود آهي .ان کان علاوه چيني مٽي ۽ لوڻ جو به وڏو ذخيرو موجود آهي جيڪو صنعتي ۽ ڪاروباري سرگرمي جو مرڪز ٿي سگهي ٿو .

وفاقي حڪومت ٿر کي معاشي سرگرمي۽ صنعتي ضلعو بنائڻ ۽ ٻاهرين ملڪن جي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي . سنڌ اينگرو ڪول مائينگ ڪمپني (SECMC)ٿر ۾ ڪوئلي جي کوٽائي ۽ ان مان بجلي ٺاهڻ ۾ اهم  ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هيستائين 660 بجلي نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪري چڪي آهي جڏهن ته سائينو سنڌ ريسوس ايندڙ سال تائين 1300 ميگا واٽ نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪندي . ٿر اندر بجلي جا منصوبه نووا ۽ حبڪو زير تعمير آهن .جيڪي 2022 تائين 330 ميگا واٽ بجلي نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪندا ، اهي سڀ ڪاوشون ظاهر ڪن ٿيون ته “ ٿر بدليندو  پاڪستان”.

صنعتي سيڙپڪاري کي پُرڪشش ۽ آسان بنائڻ لاءِ سنڌ حڪومت ٿر جي اندر وڏا وڏا ترقياتي منصوبه ڪاميابي سان مڪمل ڪري چڪي آهي جن  ۾ ڪشاده روڊ ، پاڻي جي ذخيري جا ڊيم ، پاڻي جون پائپ لائينون ، مائي بختاور ايئر پورٽ، اسلام ڪوٽ ، مٺي ۾ رهائشي ڪالوني ، اينگرو ۽ ٽي سي ايف جي تعاون سان معياري اسڪولن ، اين اي ڊي يونيورسٽي نيشنل انسٽيٽوٽ آف ڪارڊيو و سڪيولر ڊزيز (اين آئي سي وي ڊي ) ۽ ٻيا ڪيترائي منصوبا ڪاميابي سان مڪمل ڪري چڪي آهي .

ٿرپارڪر ضلعي ۾ چوپائي  مال جو تعداد 7.7 ملين آهي جنهن ۾ مختلف قسمن جا جانور  جهڙوڪ : سٺي نسل جون  ڍڳيون ، ٻڪريون ، اُٺ، رڍون ، ۽ ٻيا جانور شامل آهن . رڍ ضلعي جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي جنهن مان  3 ملين ٽيهه لک سالياني اُن ملي ٿي . ٿرپارڪر جي دستڪاري انوکي ۽ منفرد آهي جيڪا هتي جي عام عورت جي لاءِ هڪ زريعه معاش آهي . ٿرپارڪر جي دستڪاري ۾ ٿري قالين ، ٿري شالون ، گج ، هارمچ، ايپليڪ  ۽ ٻيون ڪيتريون ئي انمو ل دستڪاري جون شيون موجود آهن .

سنڌ حڪومت پاڻي جي ذخيري ۽ زراعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ 42 ٻائيتاليهه  پاڻي جي ڊيمن جي منصوبي کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ ۾ پيش پيش آهي جن ۾ هيستائين 23 ڊيم ٺهي مڪمل ٿي چڪا آهن جڏهن ته باقي ڊيم 2022 تائين ٺهي مڪمل ٿي ويندا جنهن سان نه صرف 87 وڏن ڳوٺن صاف پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪري سگهبو پر ان سان گڏوگڏ 83 هزار ايڪڙ زمين آبپاشي ڪري سگهبي . هيستائين ٺهيل 23 ڊيمن جي پاڻي مان سوين ايڪڙ زمين تي مختلف فصل پوکيا پيا وڃن جن ۾ بصر ، ڪڻڪ ، ٻاجهر ، ٿوم ، گوار جا بمپر فصل موجود آهن جيڪو سنڌ حڪومت جو ٿر جي معاشي خوشحالي جو وڏو ڪارنامو آهي .

سنڌ حڪومت پبلڪ پارٽنر شپ پروگرام کي هٿي وٺرائيندي  ٿر ڪول جي ٻن بلاڪن تي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ 450 ارب روپين جي لاڳت سان  جنهن ۾ سنڌ اينگرو ڪول مائينگ ڪمپني جي سهڪار سان  ٿر ڪول بلاڪ ٽو ۽ سائنو سنڌ ريسورس جي مدد سان بلاڪ ون شامل آهن ان کان علاوه ٿر ڪول بلاڪ ٽو تي سنڌ اينگرو ڪول مائينگ ڪمپني  جي ڳوٺ نيو سينهري درس  اٽڪل 175 گهر تعمير ڪري متاثرين جي ٻيهر بحالي ڪري في گهر 5 ملين روپين جي لاڳت سان تعمير ڪري ڏنا ويا آهن جنهن ۾ پئيڻ جي پاڻي ، روڊ ، اسڪول ، اسپتال ، قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته مسجد ۽ مندر پڻ تعمير ڪيا ويا آهن . ان کان علاوه نيو سينهري درس جي ڳوٺاڻن کي سالانه 1 لک روپيا معاوضو پڻ ڏنو پيو وڃي .  انهي کان علاوه سنڌ ۾ پهريون دفعو گرين ٿر گرين سنڌ جي نالي سان ٿر ۾ قدرتي وڻن جي نرسري قائم ڪئي وئي آهي . ان کان علاوه گوڙاڻو ڊيم تي کاري پاڻي مان پاڻي جي افزائش . پالنا ڪئي پئي وڃي ، ساڳئي طرح سان گهرن اندر ڪچن گارڊن تحت مختلف ڀاڄيون پڻ پوکيون پيون وڃن .

ٿر ثقافتي ورثن جي حوالي سان پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو جنهن ۾ مارئي جو کوهه ، گوڙي مندر ، ڀوڏيسر مسجد ، ڪارونجهر جبل ۽ جئن مندر ، ثقافت کاتي پاران ننگرپارڪر ۾ روپلو ڪولهي نالي سان ريسٽ هائوس ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ڪارونجهر ريسٽ هائوس ۽ ٻيا انيڪ ثقافتي ورثه موجود آهن اهو ئي سبب آهي ته سانوڻي جي برساتن ۾ ننگرپارڪر ۾ هر سال سنڌ توڙي پاڪستان جي مختلف علائقن کان لکين ماڻهو هتي گهمڻ اچن ٿا .

ڳالهه ڪجي ٿر۾ ٿيندڙ ترقياتي اسڪيمن جي حوالي سان ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر محمد نواز سوهو ۽ لاڳاپيل کاتن جي انجنئيرن جي رپورٽ  موجب سنڌ حڪومت پاران ٿر کي اهميت ڏيندي ترقي وارن ڪمن لاءِ 1186 ملين روپيا مختص ڪيا ويا آهن جيڪي سنڌ  جي ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بجيٽ آهي . ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ بلڊنگ کاتي جي ايڪسئين اوم پرڪاش ٻڌايو ته ريسٽ هائوس اسلام ڪوٽ جي سال 2018.20019 جي اسڪيم جنهن جي ڪل لاڳت 29.2254 ملين روپيا آهي جنهن ۾ هن وقت تائين 2  ڪروڙ 29 لک روپيا خرچ ٿي چڪا آهن جنهن تي ڪم هلي رهيو آهي . اهڙي طرح مٺي ۾ 300 فٽ جي اونچائي تي پڪنڪ اسپاٽ نيو گڊي ڀٽ لڳ ڏيپلو باءِ پاس جي سال 2018.19 جي اسڪيم جنهن جي لاڳت 33.789 ملين روپيا آهي جنهن تي 1 ڪروڙ 86 لک 79 هزار روپيا خرچ ڪياويا آهن ۽ اسڪيم تي ڪم هلي رهيو آهي . اهڙي طرح ڊسٽرڪٽ روڊ کاتي جي سب انجنئير مٺو ٻڌايو ته آشرم چوڪ کان اسلام ڪوٽ باءِ پاس جي سال 2018.19 جي اسڪيم جنهن جي لاڳت 19.998 ملين روپيا آهي مڪمل ڪئي وئي آهي . اهڙي طرح مٺي ۾ اولڊ ناڪه کان گڍي ڀٽ بشمول پاڙه ڪالوني جي 2 ڪلو ميٽر روڊ جي سال 2018.19 جي  اسڪيم جنهن جي لاڳت 15.833 ملين روپيا آهي مڪمل ڪئي وئي آهي . اهڙي طرح پراونشل هاءِ ويز بلڊنگ جي سب انجنئير عبدالوحيد ٻڌايو ته مٺي ۾ پيرا ميڊيڪل ٽريننگ انسٽيٽوٽ جي بلڊنگ جي سال 2017 جي اسڪيم جنهن جي لاڳت 76.494 ملين روپين جي اسڪيم جيڪا مڪمل ڪئي وئي آهي .

پهنجو تبصرو موڪليو