پاڪستان ۾ ٽڪ ٽاڪ بند ڪرڻ جو حڪم جاري

پشاور( ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ اڄ کان دنيا جي مشهور ايپ ٽڪ ٽاڪ کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.چيف جسٽس پشاور هائي ڪورٽ جسٽس قيصر راشد خان ٽڪ ٽاڪ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان ٽيلي مواصلات اٿارٽي (پي ٽي اي) ، ڊپٽي اٽارني جنرل ۽ درخواستگذار جي وڪيل نازش مظفر ۽ سارہ علي عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ قيصر رشيد خان رمارڪس ڏيندي چيو ته ٽڪ ٽاڪ تي اپ لوڊ ڪيل ويڊيو اسان جي سماج لاءِ قابل قبول نه آهن.ٽڪ ٽاڪ وڊيوز سماج ۾ فحاشي پکيڙي رهي آهي ۽ ان کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ ڊي جي پي ٽي اي کان سوال ڪيو ته ڇا ٽڪ ٽاڪ بند ڪرڻ سان انهن کي نقصان ٿيندو؟ جنهن تي ڊي جي جواب ڏنو ته ها نقصان ٿيندو.ڊي جي پي ٽي اي عدالت کي ٻڌايو ته اسان ٽڪ ٽاڪ اختيارين کي درخواست ڏني آهي پر هينئر تائين ڪو به مثبت جواب ناهي مليو.ان تي چيف جسٽس آف پشاور هائي ڪورٽ چيو ته جيستائين ٽڪ ٽاڪ جي اختياريون توهان جي درخواست تي عمل نه ڪندا ۽ توهان سان تعاون نه ڪندا ته   ٽڪ  ٽاڪ بند ٿيڻ گهرجي.عدالت ا ڄ کان ملڪ ۾ ٽڪ ٽاڪ بند ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو