ميانمار جي فوج تي فيسبڪ ۽ انسٽا گرام پاران بندش

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ميانمار يعني برما ۾ فوج پاران اقتدار تي قبضو ڪرڻ، آنگ سان سوچي سميت سياسي قيادت کي قيد ڪرڻ، مظاهرن ۽ شهري آزادي تي پابنديون مڙهڻ خلاف فيس بڪ ۽ انسٽا گرام فوج تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. فيسبڪ جي ايشيا پيسڦڪ بابت پاليسي ڊائريڪٽر رافيل فرينڪل چيو آهي ته فوجي آفيسرن، فوج جي تجارتي ادارن جا اڪائونٽ اڻ ڄاتل مدت تائين بند رهندا ۽ هنن جي شتاهرن تي بندش رهندي. سندس چوڻ آهي ته پهرين فيبروري کان ميانمار ۾ فوجي بغوات بعد انساني حقن جي خلاف ورزي وڌي رهي آهي ۽ يادگيري ڪرائڻ باوجود انهن صورتحال بهتر نه ڪئي جنهن ڪري مجبوري مان هي قدم کنيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو