راجڪمار هيراڻي جي نئين فلم ۾ شاهه رخ خان

ممبئي(ويب ديسڪ) بالي ووڊ جو بادشاهه شاهه رخ خان اڄڪلهه پنهنجي ميگا بجٽ فلم ‘پٺاڻ’ جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي پر هو جلد پاڻ کان 22 سال ننڍي هيروئن سان رومانس ڪندي نظر ايندو. جڳ مشهور فلمساز راجڪمار هيراڻي جي نئين فلم جيڪا سماجي مسئلن بابت آهي ان ۾ تاپسي پنو سندس هيروئن هوندي. 55 سالن جو شاهه رز خان 33 سالن جي هيروئن سان فلم ۾ ڪم ڪندو ۽ ان ۾ ڪافي رومانٽڪ سين پن آهن. هن فلم جي ڪهاڻي پرڏيهه ۾ رهندڙ هندوستانين جي زندگي جي عڪاسي ڪندي. هڪ شخص جيڪو ڪئناڊا شفٽ ٿيو آهي ان جي گرد ڪهاڻي گهمي ٿي. فلم ۾ رومانس ۽ ڪاميڊي به ڪمال جي آهي. هو ٻئي اداڪار بدلا فلم ۾ گڏ ڪم ڪري چڪا آهن پر بطور هيرو ۽ هيروئن سندن پهرين فلم آهي. تاپسي ان کان اڳ اڌ درجن کان وڌيڪ سماجي مسئلن تي ٺهيل فلمن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو