دادو ٻارڙي ريپ ڪيس، رپورٽ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دادو ۾ ٽن سالن جي معصوم ٻارڙي کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ واري واقعي جي رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش، چيف جسٽس طرفان ورتل نوٽيس تي ٻڌڻي دوران سول اسپتال حيدرآباد جو ايم ايس، ايس ايس پي ۽ ڊي سي دادو پيش ٿيا. پوليس عدالت کي آگاهي ڏني ته دادو ۾ ٻارڙي سان زيادتي واري ڪيس ۾ مُک جوابدار کي گرفتار ڪيو ويوآهي، ٻارڙي ۽ جوابدر جا ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ نمونا حاصل ڪيا آهن، جوابدار جاچ دوران ڏوهه جو اعتراف به ڪيو آهي، عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪندي پوليس کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو