حضرت سچل سرمست، سنڌ جون درگاهون قسط (3)

تحرير الله بچايو رند

مسجد ۾ تون آھين ته مئخانن ۾ ڪير آ،  بنايو گهر ڪعبي کي تو ته بتخانن ۾ ڪير آ

لباس المومنين اوڙھي قلوب الڪافرين آيا، سڃاڻون ڪيئن سچو انسانن ۾ ڪير آ

 سچل سرمست جي ولادت سچل چيئر ۾ رکيل فاروقين جي شجري موجب پيدائش  1170ھ ۽ وفات متفقه طور 14 رمضان 1242ھ آهي. اهڙيءَ طرح 1170ھ ۾ عيسوي سنه 1756ع ٿيو (تقويم تاريخي از عبدالقدوس هاشمي ص 293) ۽ رمضان 1224ھ ۾ عيسوي سنه 1827ع ٿيو (تقويم تاريخ ص 311). ان طرح سچل جو دور 1170 هه مطابق 1756 ع کان 1242هه بمطابق 1827ع تائين تقريباََ 72 سال رهيو. سندس پيدائش جي تاريخ بابت مورخن جا رايا مختلف به رهيا آھن. سچل سرمست جي حياتي واري دور کان ڪجهه پهريون واريون حالتون به ان دور تي واضع طور اثرانداز هيون. ان وقت سنڌ جون ڪهڙيون حالتون هيون؟ ان بابت محمدعلي خداد سچل جي دور جو مختصر تجزيو هن طرح ڪيو آهي ”حضرت سچل سرمست جو زمانو سنڌ جي تاريخ جو نهايت پر آشوب دور هو.

Allah Bachayo Rind , writer

سندس زماني ۾ هڪ پاسي پنهنجن جا هي پرڪار هئا جو هڪ طرف کهڙن جي مخدومن کي مسجد اندر ماريو ويو، ٻئي طرف ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي اڻبڻت سبب رت پئي وهيو ته وري چوٿين طرف خود ميرن کي پنهنجي گهران لڳي چڪي هئي. اندروني طرح چئن ئي پاسن کان اونده ئي اونده هئي هڪ طرف کان  نادر شاهه، احمد شاه، مدد خان ۽ سک اتر کان، ڪڇ جو راءُ ڏکڻ کان، ته جوڌپور جو راجا اوڀر کان، قلات جو خان اولهه کان سنڌ تي ڪاهون پئي ڪيون ۽ مٿان وري اهو ظلم  جو انگريزن جون حريص نگاهون به سکي ستابي سنڌ تي کتل هيون. سچل سرمست پنهنجي دور جي ٽالپر حڪمرانن کي خبردار ڪري ٿو ته اهي  مغربي اندروني طرح توهان کي کاٽ هڻندا ۽ توهان جي فوج جا لاش پيا هوندا ان ڪري اندروني طرح ذاتي ۽ مذهبي جهيڙا ختم ڪري ڇڏيو.

اولهه سج نه اڀري، الاهي متان ٿئي اوڀر، ماري ويندئي  مغربي تاريڪيءَ ۾ تير

ڇڏي ويندءِ ڇپرين، ڍونڍن سندا ڍير، مرد ڏين ٿا ماھ ۾، مانجهي ڪي مٿير

وَجُهه ٿئي، وِجهه پاڻ ۾ هيڪڙائي جي هير، ناسوري ناچيز، پٽ پوءِ نابود ڪر

پوء دنيا ڏٺو ته ٽالپرن خاطر خواه اندروني طور ڌيان نه ڏنو ۽ ميرن جي ذاتي  اختلافن سبب مير صوبدار  ٽالپر ۽ مير علي مراد ٽالپر ۾ جڏهن اختلاف ٿيا ته هندن مان نائون مل انگريز سان ٻڌجي بيهي رهيا ۽ انگريزن سچل جي وفات 1827ع کان سورهن سال پوءِ 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪري ورتو. سچل سرمست فرنگين جي فوج انهن جي بي رحم حملن کي وڏي طاقت طور ڏٺو  ۽  پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجي ماڻهن کي احساس ڏياريو اٿس ته هو به اهڙي فوج تيار ڪن جڏهن ته سنڌين  وٽ ڪل وقتي منظم فوج نه هئي.

فوجان حسن ديان چڙھ  پيان، جيوين چڙهي سپاهه فرنگيان جا

گردا گرد انهين ڪُون، جو ويڙهه گهتن، ڏاڍا تاب انهان، فرنگيان دا

قابو نين سپاهي، سوڪاهه پون، عجب جوڙ ڏٺاسين جنگيان دا

انهان نال برابر ڪيوين ڪري، ”سچو“ لشڪر روميان زنگيان دا

ان وقت انگريزن مختلف طريقن سان معاهدا ڪري ٽالپرن کي ٻڌندا ويا جنهن ڪري هو مقابلي ۽ مدد وٺڻ يا سيد احمد شهيد بريلوي جهڙن مجاهدن جي مدد ڪرڻ جهڙا به نه رهيا. بکر جو قلعو به افغانستان تي حملي لاءِ انگريزن کي اڌارو ڏنائون جيڪو انگريزن قبضي ۾ رکيو جتان هنن ميرن، جي  درياهي گهٽن گهيڙن تي نظر رکي ۽ هتي انهن پنهنجا ايجنٽ پيدا ڪيا. سچل اهڙن معاهدن بابت چيو ته:

سچ ٿا مرد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي، ڪوڙي دوستيءَ جو دم بڻي نه بڻي

پني ۾ پيغام، ڪي لکي مڪا سڄڻين، سي نه سمجهن عام، جي آهن مجهه اشارتان

هڪڙي ڏٺم موج ۾، تنهن ۾ مير ملاح، مڃيون مارن اوچتيون، باڻ ڪا ٻي پرواه

لهر بحر جا حڪم ڄاڻي شوريا وتن شاهه، وائڙا رکن، تن مٿان، ويچارا ويساھ

آسرو اڙين ڇو آهي منجھ الله، ڏيئي پاند پناهه، رکي وٺندو راڄ کي

يعني انگريزن جي ميرن سان دوستي ڪوڙي آهي هو معاهدن ۾ اندروني وڏو منصوبو رکن ٿا جڏهن ته هتان جا وائڙا حاڪم ويساھ رکي صحيحون ڪري قاسندا وڃن ٿا. سچل سرمست جو دور سنڌ ۾ اندروني طور انتشار، تعصب ۽ غلامانه ذهنيت وارو هو سندس سموري شاعري انسان ذات جي ڀلائي وطن ۽ وطن جي سرحدن جو اونو مذھبي ڪٽرپڻي ۽ هٿ ٺوڪي ملان واري تشريح ۽  انتها پسندي جي خلاف بغاوت جي فڪر طور سامهون آھي. وقت جي ملن هن سچ جي سرمست تي به ڪفر جي فتوائن جا فتنا کڙا ڪيا پر بقول لطيف جي جيڪا ڪني اسان چاڙھي آھي  ان جو ڍڪ هي لاهيندو۔ سو سچ ٿي سامهون آيو ۽ دنيا ڏٺو.

پهنجو تبصرو موڪليو