حليم عادل شيخ 25 فيبروري تائين جيل حوالي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت سنڌ اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. پوليس کيس سخت سيڪورٽي ۾ عدالت ۾ پيش ڪندي سندس جسماني رمانڊ ۾ واڌ جو مطالبو ڪيو. تدتيشي افسر چيو ته سندس ساٿي جوابدار روپوش آهن ۽ گاڏيون به اڃا ناهن مليون، حليم عادل شيخ جي وڪيل چيو ته هي سياسي ڪيس آهي دهشتگردي جو ڪيس ناهي جسماني رمانڊ جي ضرورت ناهي، پوليس وارن چار فٽ ڊگهو ڪاريهر نانگ سندس لاڪ اپ ۾ ڇڏيو آهي سندس جان کي خطرو آهي. حليم عادل چيو ته مون نانگ جي ويڊيو ٺاهي اعليٰ پوليس آفيسرن کي موڪليو آهي ته جاچ ڪريو ته نانگ ڪٿان آيو. عدالت پوليس جي درخواست رد ڪندي 25 فيبروري تائين کيس جيل موڪلي ڇڏيو ۽ هدايت ڪئي ته ايندڙ حاضري تي مڪمل چالان پيش ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو