ايسٽ انڊيا ڪمپني کان آئي ايم ايف تائين!

ايسٽ انڊيا ڪمپني کان آئي ايم ايف تائين!

ليکڪ طفيل مگسي

جديد مغرب جي تهذيب دنيا جي واحد تهذيب آھي.جنهن جي پنهنجي باري ۾ چيل هر دعوي ڪوڙي ۽ بدنيتي تي مشتمل آھي.اهي ملڪ پاڻ کي مها“تهذيب“ يافتا سڏرائن ٿا.مگر مغرب جي تهذيت جيتري بدنيت آھي .ايتري ڪنهن جي به ناهي.پر ڏٺو وڃي ته جيتري ڦرلٽ انهن تهذيب يافتا ملڪن ڪئي آھي.شايد ئي ڪنهن ڪئي هجي.جديد مغرب جي باري ۾ اهو پڻ اڪثر چيو وڃي ٿو ته اها انساني آزادي کي پوڄي ٿي.مگر جديد مغرب جي تاريخ ٻين قومن کي مسلسل غلام بنائڻ جي تاريخ رهي آھي.مغرب پاڻ کي “عقل پرست“ سڏرائي ٿو.مگر مغرب کان وڌيڪ غير منطقي ڪو به ڪونهي.مغرب پاڻ کي“جهموريت پسند“سڏرائي ٿو.مگر مغرب مسلم دنيا ۾ ڪٿي به اسلامي تحريڪن کي جهموري طريقي سان اقتدار ۾ اچڻ نٿو ڏسي سگهي.مغرب“برابري“جو دعويدار آھي.مگر ان کي“ غير برابري“کان وڌيڪ ڪجھ به عزيز ناهي.ڇوت مغربي قوتن جي ڦرلٽ.انهيء جي بدتهذيبن ۽ انهن جي تخليق ڪيل انساني دوزخ تي هڪ نظر وجهون ٿا.

مغربي قوتن جو ذاتي تصور اهو رهيو آھي ته انهن جهڙو ڪو به ناهي.ھٽلر جرمن قوم کي دنيا جي سڀ کان برتر قوم سمجهندو هو.برطانيا پنهنجي نالي سان گڏ “عظيم“لڳائي ڪري گريٽ برطانيا بڻائي ڇڏيو آھي.امريڪا پنهنجو پاڻ کي دنيا جو مالڪ سمجهي ٿو.مغربي قوم پنهنجي بيٺڪيتن کي ان ريت ڦريو ته مغربي قوم کي چور ۽ ڌاڙيل قرار ڏنو.

اتساپٽنائيڪ دهلي جي جواهر لعل نهرو يونيورسٽي ۾ پروفيسر آھي.سندس تحقيق جي مطابق انگريزن برصغير تي قبضي کانپوء 1765ع کان 1938ع تائين  40 ھزار ارب ڊالرن جي ڦرلٽ ڪئي.۽ اھا رقم برصغير کان منتقل ڪئي.(هندستان ٽائيمز 30آڪٽومبر  2018ع). اتساپٽنائيڪ ان دعوي کي پنهنجي انٽرويو ۾ پڻ ورجايو.کانئس کان پڇيو ويو“تو پنهنجي ويجهڙائي واري بيان ۾ چيو آھي ته انگريزن ڀارت کان 45 ارب ڊالر برطانيا منتقل ڪيا..ڇا تون ان رقم کي  ٻڌائي سگهين ٿو ته جيڪڏھن اھا رقم برصغير ۾ ھجي ها ته برصغير جي معشيت ڪيئن هجي ها“ اتساپٽنائيڪ جو جواب ڪجھ ھن ريت هو ته “جي ها جيڪڏھن اھا رقم برطانيا منتقل ٿي ۽ اها رقم برصغير ۾ انگريزن جي مرڪزي حڪومت جي مجموعي بجيٽ جو 20 کان 30 سيڪڙو هئي ۽ جيڪڏھن اها رقم برصغير ۾ رهي ها ته برصغير وڌيڪ ترقي يافتا هجي ها.ان ڦرلٽ جي سبب کان برصغير ۾ 1900ع کان 1946ع تائين ڪو واڌارو نه ٿيو.حالانڪ 1929ع کان ٽي ڏھاڪا اڳ عالمي معشيت جي دائري ۾ برصغير سرپلس محصولات جي اعتبار کان دنيا جو ٻيو وڏو خطو هو.ڇوته برصغير جي سموري آمدني برطانيا ڦُري.هندستاني معشيت کي تباهه  ڪيو. اھا ڳالھ تڪليف ڏيندڙ مضمون ۾ حيران ڪندڙ آھي ته 1911ع جي دوران برصغير جي وچولي عمر صرف 22 سال هئي.ڇاڪاڻ ته انگريزن هندستانين تي ڳرا ٽيڪس مڙھي ڇڏيا هئا.انهيء ڪري ان جو اثر خوراڪي جنسن جي دستيابي ۽ استعمال تي پڻ پيو.1990ع ۾ برصغير پاڪ وهند جو هر شھري  200ڪلوگرام ڪڻڪ استعمال ڪندو هو. ٻي عالمي جنگ کانپوء 1940ع  ۾ هڪ عام فرد مشڪل سان 137 ڪلوگرام ڪڻڪ کائي رهيو هو.اھا صورتحال دنيا جي پٺتي پيل ملڪ کان بدتر هئي.1779ع ۾ بنگال ۾ ڏڪار پيو ۽ پاڻ انگريزن جي پنهجن انگن اکرن جي مطابق ان وقت بنگال جي آبادي 3 ڪروڙ ھئي.ڏڪار انهيء منجهان هڪ ڪروڙ آبادي کي ڳڙڪائي ويو. انگريز جي قبضي دوران برصغير جا 45هزار ڊالر ارب ڦري ڪري کڻي ويو.ڇا توهان کي اندازو آھي ته 45هزار ارب ڊالر ڪيتري وڏي رقم آھي.؟ هن وقت ڀارت جو شمار دنيا جي ڏھن وڏين معشيتن ۾ ٿيئي ٿو ۽ ھن جي مجموعي پيداوار اٽڪل 2هزار ارب ڊالر آھي.ان جي معني اها ٿي ته موجوده برصغير ۾ 22 سالن تائين جيڪو ڪجھ ڪمائيندو انهيء رقم جي برابر ٿيندو.جيڪو “عظيم برطانيا“ ڦري ڪري کڻي ويو.پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار هن وقت 305 ارب ڊالر آھي.ان بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان اڳتي 148 سالن تائين جيڪو ڪجه ڪمائيندو اهو 45 هزار ڊالر جي برابر ٿيندو.يعني برطانيا جي ڦرلٽ پاڪستان جي 48 سالن جي آمدني کائي وئي.ان جي باوجود برطانيا “مهذب“آھي.“عقل پرست“آھي.“روشن خيال “آھي.“انسان دوست“آھي.“برابري“جو مالڪ آھي.“عظيم“آھي.ليڪن اهو برطانيا جو اڪيلو ظلم نه هو.برطانيا هندستان جي معاشي استحصال جي حوالي سان ٻيو ڇا ڪري رهيو هو.؟ اتساپٽنائيڪ جو بيان پيش ڪجي ٿو. انگريزن کان اڳ برصغير نوابن جي ماتحت هو.انگريزن ٽيڪس کي ٽيڻو ڪري ڇڏيو.جنهن جي ڪري هندستان ڏڪار ۾ تبديل ٿي ويو.انگريزن وڌيڪ ظلم اهو ڪيو ته اهي هندستانين کان ٽيڪس جي صورت ۾ جيڪا رقم حاصل ڪندا هئا.ان رقم سان هندستان جي تيار ڪيل مصنوعات خريد ڪندا هئا ۽ برطانيا موڪلي ڇڏيندا هئا.ان جو طريقو هنن هي اپنايو ته وصول ڪرڻ وارو “ڪليڪٽر“ ٽيڪس وصول ڪندو هو.جيتوڻيڪ هندستانين کي پتو به نه پيو ته انهن جي ڏنل ٽيڪس کان انگريز هندستان جي مصنوعات خريد ڪري رهيا آھن.جيڪڏھن اهي ٻئي ڪم هڪ شخص ڪري ها ته پوء ھندستاني اصل راند کان خبردار ٿي وڃن ها.انهن حقيقتن جو مقصد اهو آھي ته ايسٽ انڊيا ڪمپني هندستانين کان مصنوعات “مفت“خريد ڪندي رهي.اتساپٽنائيڪ کان سوال ڪيو ويو ته “ان رقم جو ڇا ٿيو. جيڪا ڀارت کان برطانيا موڪلي وئي.؟ اها ڪهڙي ڪم آئي؟“ان سوال جو جواب سندس لفظن ۾ ٻڌو.هن چيو“ مغربي قوم جو برپا ڪيل نوآبادياتي دور ۽ انهن جي ڦرلٽ کانسواء جديد سرمائيدار دنيا  وجود ۾ نٿي اچي سگهي هئي جديد مغرب جي ڪوڙي عظمت جي انهيء مڪاري تي ڪيترين ئي شين جو ذڪر آھي.جديد مغرب نشاط ثانيا جي تحريڪ جو  آھي.صنعتي انقلاب جو نتيجو آھي.سائنس ۽ ٽڪنالوجي جي ترقي جو سبب آھي.اهل مغرب جي محنت جو ثمر آھي.مگر اتساپٽنائيڪ ٺوس شھادتن جي بنياد تي چئي رهيو آھي ته مغرب جي سرمائيداراڻي دنيا نوآبادياتي تجربي ۽ مغربي قومن جي ڦرلٽ ۽ استحصال کان بنا خلق نٿي ٿي سگهي هئي.اها حقيقت چٽي آھي ته انگريز برصغير ۾ جيڪي ڪجه ڪري رهيا هئا اهوئي سڀ ڪجه اهي ٻين بيٺڪيتن ۾ ڪري رهيا هئا.اندازو ڪري سگهجي ٿو ته انگريز جيڪڏھن صرف هندستان کان 45هزار ارب ڊالر ڦري کڻي ويا ته هنن پنهنجين سمورين بيٺڪيتن ۾ ڪيتري ڦرلٽ ڪئي هوندي.ليڪن اهو مامرو صرف انگريزن يا برطانيا تائين محدود نه هو.فرانس به پنهنجين قالونين ۾ اهوئي ڪري رهيو هو.اطالوي.پرتگالي .ولنديزي۽ جرمن به پنهنجين بيٺڪيتن اهائي غليظ راند کيڏي رهيا هئا.مزي جي ڳالھ اھا آھي ته ان جي باوجود سموريون مغربي قومون “مهذب“به آھن.“صاحب علم به آھن““صاحب اخلاق“به آھن.جيڪڏھن انگريز برصغير سان ائين نا انصافيون نه ڪن ها ته هن وقت برصغير دنيا جو خوشحال ترين خطو هجي ها. ٽيڪسٽائيل جي مقامي صنعت يورپي صنعت کان وڌيڪ ترقي يافتا هئي.هن کي انگريز واپارين تباه ڪري ڇزڏيو.ڪهڙو سبب هو ته 18 صدي تائين يورپين سياح .هندستان.چين.جاپان کان متاثر نظر ايندا هئا. ۽ 1820ع تائين برطانيا جا صنعتڪار هتي لوھ ٺاھڻ جي تربيت وٺڻ ايندا هئا.انگريزن هندستان سان گڏجي ڪري پنهنجي ٽيڪسٽائيل ۽ شپ بلڊنگ انڊسٽري ٺاھي هئي.ريل ٺاھڻ جي جيڪا صنعت بمبئي ۾ ھئي.اها ٽيڪسٽائيل طور تي برطانيا جي صنعت جي برابر هئي.انڊيا جي لوھ جي صنعت اڃا به اڳتي ترقي ڪري پئي سگهي هئي.جيڪڏھن برطانيا جي طرف کان امپورٽ تي ڊيوٽيون نه هنيون وڃن ها ته هندستان تهذيبي لحاظ کان تمام گهڻو اڳتي هو.جيتري انگ ۾ ڪتاب بنگال ۾ ڇپيا هئا.ايترا ڪتاب سڃي دنيا ۾ نه ڇپبا هئا.ڍاڪا جو مقابلو لنڊن سان ڪيو ويندو هو.“ اتساپٽنائيڪ هڪ ٻيئي اهم مسئلي تي روشني وڌي آھي.هن مسلمانن ۽ انگريزن ۽ انهن جي حڪومتن جي فرق کي چٽو ڪيو آھي.هن کان پڇيو ويو ته اڄ ڪلهه هندستان ۾ مغلن جي دور جي باري ۾ به قسمين قسمين جون ڳالهيون ٿي رهيون آھن.۽ ڪن ماڻھن جو خيال آھي ته ڀارت جي ماڻھن جي لاء مغل ۽ انگريز ٻئي ٻاھر کان آيل هئا؟ مغل ٻاھر کان آيا.ليڪن جيڪڏھن ائين آھي ته  ٻاهر کان ايندڙ بي  وطنين جي لهر به ٻاھر کان ايندي آھي .مغلن اهو ئي ڪيو.جيڪو راجستان جي شھزادن ڪيو.جن ماڻھن تي ٽيڪس هنيا.مگر وچولي درجي جا .هنن عوام کان حاصل ڪيل ٽيڪس جي رقم ملڪ جي اندر ئي خرچ ڪئي.مغل هتي ئي رهي پيا ۽ ھنن پنهنجن اباڻن علائقن سان ڪو تعلق نه رکيو.جيتوڻيڪ مغلن جي ڀيٽ ڪنهن ريت به انگريزن سان نٿي ڪري سگهجي.هنن هندستان کان ڪا به شيء ٻاھر نه موڪلي نه ئي هنن مقامي ماڻھن کي دوکو ڏنو. ۽ نه ئي هنن محصولات کان حاصل ٿيل رقم جي ذريعي  مقامي مصنوعات خريد ڪري ٻاھر موڪلي. سوال اهو آھي ته ڇا برطانيا کان ڦريل رقم واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪرڻ گهرجي؟ منهنجو جواب به اهوئي آھي ته صرف برطانيا کان بلڪ سمورين مغربي قومن کي ڦريل رقم واپس ڪرڻ گهرجي.۽ انهن کي پنهنجي مجموعي پيداوار جو هڪ حصو هر سال هنن جي لاء وقف ڪرڻ کپي.جن ڪالونين کي هنن ڦريو ۽ لٽيو.ليڪن مسئلو اهو آھي ته مغربي قومن جو اخلاقيات سان ڪو تعلق ناهي.اهي ڦريل رقم ڇا واپس ڪنديون.پنهنجين اڳوڻين ڪالونين کي گذريل پنجاه سالن کان قرض جي ڄار ۾ جڪڙڻڻ جي لاء ڪوشش ۾ آھن.ان جو اندازو هن ڳالھ کان هڻي سگهجي ٿو ته هن وقت ترقي پذير ملڪ 4 هزار ارب ڊالرن کان وڌيڪ قرضن ۾ ٻڏل آھن.صرف پاڪستان جا ٻاھريان قرض 100 ارب ڊالرن کان وڌيڪ ٿي ويا آھن.مغربي ملڪ غريبن جا مالياتي ادارا “تاثر“ڏين ٿا ته اهي غريب ملڪن کي قرض ميسر ڪندي انهن جي معاشي مشڪلات کي گهٽ ڪن ٿا ۽ انهن جي معشيت کي مضبوط بڻائين ٿا.حالانڪ حقيقت اها آھي ته عالمي بيڪ ۽ آئي.ايم.ايف جي قيام جو بنيادي مقصد غريب ۽ ڪمزور ملڪن کي مغرب جو غلام بنائڻ آھي.

ان جو سڀ کان وڏو ثبوت اهو ته عالمي بينڪ ۽ آئي ايم ايف دنيا جي 75 کان وڌيڪ ملڪن کي قرض ڏئي رهيا آھن.مگر انهن ملڪن منجهان ڪنهن به هڪ ملڪ جي معشيت مضبوط ناهي.بلڪ ان جي صورتحال اها آھي ته غريب ملڪن جي قومي بجيٽ جو وڏو حصو ٻاھرين قرضن تي وياج جي ادائيگي ۾ خرچ ٿي رهيو آھي.مثلا  هن وقت پاڪستان جي بجيٽ جو اٽڪل 40:% وياج جي ادائيگي تي خرچ ٿي رهيو آھي.پاڪستان جو قرض وڌندو ته وياج جي ادائيگي جو دائرو به ڪشادو ٿيندو. ۽ اھو وقت اچي سگهي ٿو ته پاڪستان جي اڌ کان وڌيڪ بجٽ وياج جي ادائيگي تي خرچ ٿيڻ لڳي.اهوئي مقصد دنيا جي ٻين غريب ۽ ترقي پذير ملڪن جو آھي.ان جي معني اها ٿي ته مغربي قومن ٻن سو سالن تائين سڌوسنئون پنهنجين نوآبادتين کي ڦري ڪري پنهنجين معشيتن کي مضبوط ڪنديون رهن ۽ هاڻي گذريل پنجاه سالن کان اهي ساڳيو ڪمقرضن جو وياج وصول ڪري دنيا انجام ڏئي رهيون آھن.يعني اهي قومون ڪالھ به انسانيت دشمن هيون ۽ اڄ به انسانيت دشمن آھن. حقيقت اها آھي ته مغربي قومن اربين انسانن جي لاء هن دنيا کي سياسي.معاشي ۽ سماجي دوزخ بڻائي ڇڏيو آھي.آڪسفيم جي هڪ رپورٽ جي مطابق هن وقت دنيا جي صرف“8 فردن“ جي دولت 3.6 ارب انسانن جي دولت جي برابر آھي.مغرب ۽ سندس جا “بيوقوف متاثر“ اڪثر ڳوڙ ڪندا رهن ٿا ته بادشاھت جو نظام وڏو انسانيت وارو هو.هڪ بادشاھ وٽ سڄي قوم.کان وڌيڪ دولت هئي.بادشاه عيش ڪندو هو ۽ سندس عوام معاشي مشڪلاتن جو شڪار رهندو هو.مگر اڄ مغرب جي تخليق ڪيل “آزاد دنيا““جهموري دنيا““عقل پرست دنيا“ روشن خيال دنيا“ “جديد دنيا“جو اهو حال آھي ته صرف 8 بادشاه 3 ارب 60ڪروڙ فردن کان وڌيڪ دولتمند آھن.مغرب جي پيدا ڪيل دنيا ۾ ھڪ طرف 8 ماڻھو دنيا جي دولت جا مالڪ آھن.ٻيئي پاسي انهيء دنيا ۾ هڪ ارب انسان نهايت ئي غربت ۾ مبتلا آھن.انهن فردن جي روزاني واري آمدني هڪ ڊالر ۽ ٻن ڊالرن جي وڇ ۾ آھي.مغرب جي پيدا ڪيل دوزخ جي سنگيني جو وڌيڪ اندازو ڪرڻو هجي ته سويڊن جي تحقيقاتي اداري جي رپورٽ ڏسڻ بهتر ٿيندو. 2018ع ۾ دنيا جي سمورن ملڪن پنهنجي فوجي صلاحيت کي بهتر بنائڻ تي صرف 1822 ارب ڊالر برباد ڪيا آھن.ايتري وڏي رقم انهيء سان سموري دنيا جي انسانن کي صاف پاڻي ميسر ڪري سگهجي ٿو.سمورن غريبن کي اعلاج جون سهپليتون فراهم ڪري سگهجن ٿيون.دنيا جي سمورن ٻارڙن جي تعليم جو بندوبست ڪري سگهجي ٿو.مهر مغرب جي پيدا ڪيل دنيا۾ ايترو عدم تحفظ .ايترو خوف ۽ ھڪ ٻئي کان ايتري نفرت آھي ته هر ملڪ پنهنجي دفاع تي وڌ کان وڌ رقم خرچ ڪري رهيو آھي.مغرب جي پيدا ڪيل دنيا جيڪڏھن “مهذب“هجي ها.ئغرب جي پيدا ڪيل دنيا جيڪڏھن “عقل پرست“هجي ها.مغرب جي پيدا ڪيل دنيا جيڪڏھن “انسانيت پرست“هجي ها.مغرب جي پيدا ڪيل دنيا جيڪڏھن“جهموري “ هجي ها ته دنيا ۾ ايترو خوف نه هجي ها.نه اها صرف هڪ سال ۾ ھٿيار خريدڻ ۽ فوجن کي بهتر بنائڻ تي 11822 ارب ڊالر خرچ نه ڪري ها .رپورٽ جي مطابق امريڪا 2018ع ۾ دنيا جي ڪنهن به ملڪ کان وڌيڪ هٿيارن ۽ فوج تي خرچ ڪيو.رپورٽ جي مطابق امريڪا 2018ع ۾ ھٿيارن ۽ فوج تي 649 ارب ڊالر خرچ ڪيا.امريڪا دنيا جي سڀ کان پاڪستان ۾ انصاف جي اها صورتحال آھي ته ماتحت عدالتن جي حوالي سان چيو وڃي ٿو ته انهن عدالتن ۾ وڪيل ڪرڻ کان بهتر آھي ته جج ڪيو وڃي يعني جج کي خريد ڪيو وڃي.اعلي عدالتن جو اهو حال آھي ته انهن جا اڪثر فيصلا “سياسي“ هوندا آھن.ملڪ ۾ ماتحت عدالتن جوانصاف ايترو مهنگو آھي ته ملڪ جي 80% آبادي ان جو مالي ٻوجهه نٿي کڻي سگهي. عام ماڻھو مالي اعتبار کان اعلي عدالتن جو دروازو نٿو کڙڪائي سگهي.مگر اهو انصاف جو هڪ سبب آھي.انصاف جو ٻيو سبب اهو آھي ته ايترو سست آھي ته ان جي حاصلات ۾سال لڳي وڃن ٿا. ۽ انصاف جو مقصد ئي فوت ٿي وڃي ٿو.بدقسمتي سان اهي صرف پاڪستان جون حقيقتون ناهن.اهي گجٽ ۽ وڌ سڄي دنيا جون حقيقتون آھن.جيڪي مغرب جو پيدا ڪيل آھن.ان جو نتيجو اهو آھي ته ساڍا ست ارب انسانن جي دنيا ۾ 5ارب 10ڪروڙ انسان انصاف تائين پهچ ئي نٿا رکي سگهن.جنهن دنيا ۾ ظلم ئي هجي.اڻبرابري ئي اڻبرابري هجي.طاقت ئي طاقت هجي.ان دنيا ۾ جيڪڏھن انصاف به نه هجي ته ان دنيا جي جهنم ٿيڻ \ ھئڻ حقيقت آھي.هڪ طرف مغرب جي تخليق ڪيل دنيا جو اهو عالم آھي ته اها دوزخ جو منظر پيش ڪري رهي آھي.ٻيي پاسي مغرب پنهنجي پروپيگنڊه جي ذريعي اهو تاثر ڏئي رهيو آھي ته هن دنيا کي“زميني جنت“ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي.انسان چنڊ تي پهچي چڪو آھي .مريخ تي پڙاء  وجهڻ وارو آھي.مغرب جا دانشور چئي رهيا آھن ته انسان موت تي ڪنٽرول ڪرڻ وارو آھي.بدقسمتي سان مغرب جي جنت هڪ “دوکو “آھي.مگر مغرب جو“ دوزخ “ هڪ ناقابل ترديد حقيقت آھي.جيڪڏھن اها ڳالھ مڃي به وڃي ته مغرب زميني جنت تخليق ڪئي آھي ته اها جنت ڪٿي مغرب جي چند ملڪن جي لاء آھي.ڪٿي دنيا جي هڪ سيڪڙو آبادي جي لاءآھي.ڪٿي 18 فردن ۽ انهن جي گڏ ڪيل دولت آھي.جڏھن ساڍن ٽن ارب انسانن جي برابر دولت گڏ ڪري ڇڏي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو