دادو ٻارڙي زيادتي ڪيس، جوابدار رمانڊ تي پوليس حوالي

نوشهرو فيروز/حيدرآباد (نمائندن وٽان) دادو ۾ ٽن سالن جي معصوم ٻارڙيءَ کي درندگيءَ جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار جو اڄ رمانڊ ورتو پيو وڃي، دادو پوليس طرفان جوابدار اياز پنهور نوشهروفيروز جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش، وحشت جو شڪار معصوم ٻارڙي افشان شاهاڻي جو سول اسپتال حيدرآباد ۾ علاج جاري، گذريل ڏينهن جوابدار اياز پنهور معصوم ٻارڙيءَ کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو هو، ٻارڙيءَ سان جنسي زيادتي واري واقعي تي عوام ۾ تاءُ پکڙيل، جوابدار کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو