ڊي سي پاران ترقياتي ڪمن جو جائزو، دڪاندارن تي ڏنڊ

ڊي سي پاران ترقياتي ڪمن جو جائزو، دڪاندارن تي ڏنڊ

ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ)ڪشمور جي ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي ڪنڌڪوٽ   شهر جو اچانڪ  دورو ڪري مقامي ماڻھن سان ملاقات ڪري کاڌ خوراڪ  وارين شين جي اگهن جوجائزوورتو. ڊي سي ڪشمور  ٺل روڊ تي تعمير ٿيندڙ باء پاس ڪنڌڪوٽ جي ڪم تي اطمينان جو اظهار ڪيو، تنهن کان بعد  ڊپٽي ڪمشنر  شهر  جي مارڪيٽ  ۾  مرغي جي ٻن دوڪانن تي صفائي نه هئڻ تي جرمانو  ڪندي دوڪاندارن ۽ واپارين  کي هدايت ڪئي ته هو  عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏين روزانه استعمال ٿيندڙ شين جي مقرر ٿيل اگهن جي لسٽ مناسب جاءِ تي لڳائين  ۽ ان مطابق  شيون وڪڻن . روز مره شيون ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.  ڊپٽي ڪمشنر  اسٽنٽ ڪمشنر ڪنڌڪوٽ مونس راهوجو  کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي  تعلقي ۾ ريٽ چيڪ ڪرڻ لاءِ مارڪيٽن جا  اچانڪ وزٽ   ڪري  ۽  وڌيڪ منافعو وٺندڙن  خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪري .تنهن کان بعد ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ منور علي مٺياڻي  سول اسپتال جو پڻ دورو ڪري عوام جي بنيادي ضروت صحت ۽ دوائن جي فراهمي جو پڻ جائزو ورتو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو