ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جَي ٻن تڪن تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جاري آهي، پي ايس 88 ملير ۽ پي ايس 43 سانگهڙ تي ننڍي چونڊ جاري آهي. پي ايس 88 ملير تي پيپلز پارٽي جَي محمد يوسف بلوچ ۽ پي ٽي آءِ جَي جانشير جوڻيجو ۾ مقابلو، پي ايس 43 سانگهڙ تي پ پ اُميدوار ڄام شبير ۽ پي ٽي آءِ اُميدوار مشتاق جوڻيجو ميدان تي لٿل آهن، اليڪشن ڪميشن موجب پي ايس 43 سانگهڙ تي هڪ لک 42 هزار 704 ووٽرز حق استعمال ڪري رهيا آهن.


تڪ تي 34 پولنگ اسٽيشنز حساس ۽ 37 انتهائي حساس قرار: ملير ۾ رجسٽرڊ ووٽن جو تعداد هڪ لک 45 هزار 628 آهي، پولنگ دوران رينجرز ۽ پوليس اهلڪار پولنگ اسٽيشنز اندر ۽ ٻاهران مقرر: بلوچستان اسيمبلي جَي تڪ پي بي 20 پشين تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جاري آهي. ملير ۾ ننڍي چونڊ دوران جهيڙن جا واقعا، اولڊ ٿاڻو پولنگ اسٽيشنز تي پولنگ ايجنٽ ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن ۾ منهن ماري، پولنگ ايجنٽ پي ٽي آءِ اڳواڻن کي پولنگ اسٽيشن کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، اولڊ ٿاڻو پولنگ اسٽيشن ٻاهران پ پ ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ڪارڪنن ۾ به جهيڙو، پوليس اهلڪارن جي جهيڙو ٽارڻ ۾ ناڪامي بعد ايس ايس پي ملير پهتو، جنهن بعد پ پ ۽ ٽي ايل پي جا ڪارڪن ڇِڙوڇڙ ٿي ويا.










