ايس پي پاران زيادتي جو شڪار نياڻي کي آٿت

ايس پي پاران زيادتي جو شڪار نياڻي کي آٿت

ملير ( ڊ  ر  )اجتماعي زيادتي جو شڪار بڻيل ناري فرسٽ ايئر جي شاگردياڻي بشرا راڄپر وٽ ايس پي ملير عرفان علي بهادر پهچي ويو نياڻي کي آٿت ڏيندي هن خاطري ڪرائي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن ڪنهن به ريت بخش نه ڪبو،گذريل ڏينهن پ ٽ الف بن قاسم جي صدر محمد سليمان راڄپر جي نياڻي فرسٽ ايئر جي شاگردياڻي 19 ورهين جي متاثر نياڻي سان ٽن جوابدارن کيس اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بڻايو هو. ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس پي ملير عرفان علي بهادر چيو ته نياڻي جي واقعي تي دلي صدمو پهتو آهي اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ٽن وحشي درندن جوابدارن کي جلد قانوني جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن کين جلد قانوني  جي گرفت ۾ آندو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو