احتجاج بعد پبلڪ پارڪ تي شاپنگ سينٽر اڏڻ جو ڪم بند

احتجاج بعد پبلڪ پارڪ تي شاپنگ سينٽر اڏڻ جو ڪم بند

راڻيپور(حيدرعلي عمراڻي) ميران محي الدين پبلڪ پارڪ کي مسمار ڪري شاپنگ سينٽر ٺاھڻ واري ھلندڙ ڪم خلاف شھرين جي لڳاتار احتجاج ڪرڻ جو ڊي سي خيرپور نوٽيس وٺي ڪم بند ڪرائي ڇڏيو. پبلڪ پارڪ سگا آفيس لائبريري پريس ڪلب بلڊ بينڪ واٽر فلٽر پلانٽ ۽ ٻين ادارن کي مسمار ڪري شھرين لاء سماجي سرگرمين جي پلاٽ تي بلڊر مافيا پاران ڪمرشل شاپنگ سينٽر ٺاھڻ جو ھلندڙ ڪم راڻيپور جي اديب دانشور پروفيسر الطاف اثيم سگا جو مرڪزي اڳواڻ منظور اڄڻ پريس ڪلب راڻيپور جو صدر سڪندرعلي کرل ،احسان علي سھتو ۽ شھرين جي مسلسل  احتجاج ڪرڻ جو ڊي سي خيرپور احمدعلي قريشي نوٽيس وٺندي اي سي صوڀوديرو کي شاپنگ سينٽر ٺاھڻ وارو  ھلندڙ ڪم کي بند ڪرائڻ جو حڪم ڏنو جڏھن ته اي سي سوڀوديرو پلاٽ تي پھچي شاپنگ سينٽر ٺاھڻ وارو ھلندڙ ڪم بند ڪرائي ڇڏيو جڏھن تـ سماجي اڳواڻ اڪرم علي شاھاڻي پاران ھاء ڪورٽ سکر بينچ ۾ بلڊر مافيا خلاف پٽيشن داخل ٿيل آھي. اڄ سگا ، سول سوسائٽي جو وفد سگا اڳواڻ اسٽنٽ ڪمشنر سوڀوديرو سان ملي شھرين جي سخت احتجاج بابت آگاھ ڪندي کيس ٻڌايو ته جيڪڏهن بدنام بلڊر پاران ٻيھر ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ته شھري سخت احتجاج ۽ بک هڙتال ڪندا ۽ احتجاج جو سلسلو سڄي سنڌ تائين وڌايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو