نوجوانن جي تربيت لاءِ هاڪي ڪوچنگ ڪيمپ

شڪارپور (عبدالخالق سومرو) اهي خوش قسمت ٻار آهن جن پنھنجي راند جو انتخاب قومي راند ھاڪي کي چونڊيو. زندگي کي خوبصورت بنائڻ لاءِ ، جتي ڪنهن انسان  کي تعليم جي ضرورت هوندي آهي، اتي جسماني نشونما لاءِ رانديون کيڏڻ پڻ ضروري آهي. اهڙو اظهار سردار جاگڻ خان ڀيو هاڪي ڪوچنگ ڪيمپ جي افتتاهي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊسٽرڪٽ هاڪي ايسوسيئيشن شڪارپور جي تعاون سان ونٽر هاڪي ڪوچنگ ڪيمپ ۽ امپائرنگ ورڪشاپ 10 جنوري کان 21 جنوري تائين عبدالرحمان شيخ هاڪي اسٽيڊيم شڪارپور ۾ منعقد ڪيو ويو ، جنهن ۾ انٽرنيشنل هاڪي امپائر آفيشل ۽ ڪوچ محمد اسلم خان نيازي ۽ انٽرنيشنل ٽيڪنيڪل ڪوچ محسن علي خان شڪارپور جي 70 کان وڌيڪ نوجوان ڇوڪرن کي هاڪي جي مختلف سکيا ڏني ۽ امپائرنگ جي لاءِ هڪ ورڪشاپ جو پڻ انتظام ڪيو ويو. پروگرام جا مھمانن خاص پ پ پ رھنما چيف سردار جاگڻ خان ڀيو، اعزازي مهمان سيڪريٽري سنڌ هاڪي ايسوسيئيشن محمد رمضان جمالي ، ڊي او اسپورٽس اعجاز احمد کوکر  ھئا ان موقعي تي  رياض احمد ملاڻو ، آغا عبدالرئوف ، عرفان احمد سومرو ، ضلعي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر ابراهيم بروهي ۽ ٻيا موجود هئا. چيف سردار جاگڻ خان ڀيو چيو ته شڪارپور جي ٻارن کي گراس روٽ ليول جي تربيت فراهم ڪرڻ وڏي ڳالهه آهي. سڀاڻي ھي ٻار شھر ،صوبي ۽ ملڪ جو نالو هاڪي ۾  روشن ڪندا ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا ، ان موقعي تي هن هاڪي ايسوسيئيشن جو شڪريو ادا ڪيو هن سطح جو پروگرام کي ترتيب ڏيڻ تي آخر ۾ سڀني شرڪت ڪندڙ رانديگرن کي ضلعي هاڪي ايسوسيئيشن پاران انعام ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. ڊسٽرڪٽ هاڪي ايسوسئيشن پاران آيل مھمانن کي سنڌي اجرڪ سنڌي ٽوپي سميت شيلڊ  ڏنا ويا ۽ رانديگرن ۾  سرٽيفڪيٽ ۽ انعام پڻ ڏنا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو