مدئجي واقعو خوني ويڙھاند ۽ اناپرستي جي باهه ۾ سڙندڙ سنڌ

تحرير گلشن چانڊيو

سنڌ صوفين، بزرگن، شاعرن، ليکڪن ۽ اديبن جي سرزمين آھي جنهن سدائين امن ، محبت ۽ سلامتي جو درس ڏنو آھي، سنڌ ڀاڳ ۽ بخت واري ڌرتي آھي جنهن شاهه لطيف، سچل ، سامي، شاهه عنايت شهيد، شيخ اياز، استاد بخاري، علامه دائود ٽو، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، مرزا قليچ بيگ، سائين جي ايم سيد، ابراهيم جويو، رسول بخش پليجو، سنڌ جو نامور دانشور جامي چانڊيو  ۽ ٻيا ڪيترائي هيرا عالم پيدا ڪيا آھن جنهن جو معاشري ۾ اهم ڪردار رهيو آھي، شڪارپور جي هڪ سڃاڻپ شيخ اياز جي شھر واري سڃاڻپ به آھي ۽ اڄ ان ڌرتي تي خونريزي ۽ قبائلي جهيڙن امن کي تباهه ڪري ڇڏيو آھي. ضلعي شڪارپور جي شهر مدئجي ڀرسان امروٽ شريف ۾ جوڻيجا ۽ دل برادري ۾ موبائل فون جي معمولي ڳالهه تان خوني تڪرار ڪر کنيو آھي جنهن سبب ڌرين ۾ خوني ويڙهاند جاري آھي جنهن سبب جوڻيجا برداري جي 3 ماڻھن کي قتل ڪيو ويو آھي ته هوڏانهن وري دل برادري جي 2 ماڻھن کي قتل ڪيو ويو آھي ۽ خطرناڪ هٿيارن جا منهن کلي ويا ۽ راڪيٽ لانچرن سان هڪٻئي تي حملو ڪيو ويو جنهن کانپوءِ جوڻيجا برادري جي 3 خونن جو ڪيس دل برادري جي 29 ماڻھن تي داخل ڪيو ويو آھي ۽ ميڊيا جي خبرن ذريعي معلوم ٿيو آھي ته دل برادري جي ماڻھن چيو آھي ته پوليس جو ڊي ايس پي باقر جوڻيجو ۽ ايم ين اي خورشيد احمد جوڻيجو 8 ڏوهارين جي سرعام مدد ڪري رهيا آھن جيڪا زيادتي آھي پر انهي خوني ويڙهاند کي ٽياڪڙي ڪري بند ڪرائڻ بهتر عمل آھي ڇاڪاڻ ته قبيلائي جهيڙن سبب ويڙھا ويران ٿي وڃن ٿا ۽ ڪونڌر جوان انهي خوني ويڙهاند ۾ مارجي وڃن ٿا جنهن جي خبر في الحال ته نٿي پوي پر انهن جا گهائو والدين کي جهوري وجهندا آھن ۽ اهي سور سڄي عمر هوندا آھن، جڏهن ته قبيلائي جهيڙن ۽ تڪرارن سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙيل آھي ۽ معمولي ڳالهه تان ماڻھو گوليون هلائڻ ۾ ڍر نٿا ڪن شايد ماڻھن مان برداشت جو مادو ختم ٿي چڪو آھي جنهن ڪري ٿوري ڳالهه تان جهيڙو شروع ٿي وڃي ٿو جنهن سان نسلن جا نسل تباهه ٿي وڃن ٿا ۽ اهي جهيڙا انا پرستي ۽ ضديت سبب ڏهاڪن تائين جاري رهن ٿا ۽ علائقو نو گو ايريا بڻجي وڃي ٿو ۽ تڪراري ڌريون هر وقت خطري ۾ هونديون آھن ڇاڪاڻ ته دشمني خراب هوندي آھي جنهن سان ماڻھن جو سڪون ڦٽل هوندو آھي ۽ هٿيار کنيون وتن ٿا ۽ ڌريون مورچابند ٿي وڃن ٿيون جنهن سان امن جو پکي اڏامي وڃي ٿو.پوليس چڙھائي دوران 11 گرفتار عورتن کي به آزاد ڪيو ويو آھي جڏهن ته پوليس پنهنجي روايتي ڪاروائي موجب جڏهن ڪو سنگين ڏوهه ٿي ويندو آھي يا ڪي ماڻھو قتل ٿي ويندا آھن ته علائقي ۾ ٻڌ ڇوڙ جو چڪر شروع ٿي ويندو آھي، پوليس گهرن ۾ ڀڃ ڊاهه شروع ڪري ڇڏيندي آھي، مال متاع ۽ ڍور ڍڳا ڪاهي ڍڪ ۾ هنيا ويندا آھن ۽ عورتون کي معصوم ٻارن سميت گرفتار ڪيو ويندو آھي ته پيرسن ماڻھن کي به گرفتار ڪري ٿاڻن تي نظر بند ڪيو ويندو آھي جنهن کانپوءِ جنهن ماڻھو ڏوهه نه ڪيو آھي يا انهي سنگين قتل جي واقعي م ملوث ناهي ته انهن جي گهرن تي چڙھائي ڪرڻ غلط عمل آھي، ڏوهارين جي گهرن ۽انهن جي مٽ مائٽن جي گهرن مان ڍور ڍڳا ڪاهي ڍڪ ۾  هڻندا آھن جيڪا بي زبان جانورن سان ظلم آھي آخر جانورن ڪهڙو قتل ڪيو آھي جنهن جي سزا انهن بي زبان جانورن کي ڏني ٿي وڃي. ڏٺووڃي ته هيءَ صوفين جي سرزمين آھي جنهن هميشه پيار ۽ محبت جو پيغام ڏنو آھي ته پوء ان ڌرتي تي خون جون نديون ڇو ٿيون وهن آخر ڪار معمولي ڳالهين کي پنهنجي انا جو مسئلو ڇو ٿو بنايو وڃي جنهن سان ڪيترن ئي انسانن جون جانيون اجل جو شڪار ٿين ٿيون ۽ اهي قبيلائي تڪرار ورهين تائين جاري رهن ٿا ۽ علائقي جو امن تباهه ٿي وڃي ٿو ۽ ماڻھو سج لهڻ کانپوءِ ٻاهر به نٿا نڪري سگهن ۽ جڏهن نڪرندا آھن ته هٿياربندن جي پهري ۾ ٻاهر نڪرندا آھن ۽ پوليس جي گرفتاري جي ڀَوَ کان قاتل فرار ٿي ويندا آھن ۽ خانا بدوشن واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي پوندا آھن ۽ پوليس  انهن جون عورتن ۽ معصوم ٻارن کي قيد ڪندي آھي ته ڪڏهن وري انهي قاتل جو سوٽُ، ماساتُ يا ڪو ويجهو رشتيدار گرفتاري جي عمل ۾ ايندو آھي جنهن جو جهيڙي سان ڪو پري جو تعلق به نه هوندو آھي ۽ ڏوهه هڪڙا ڪن ۽ لوڙين ٻيا  جڏهن ته جيڪو قتل ڪري ٿو يا انهي جو سهولتڪار آھي ته انهي کي گرفتار ڪيو وڃي پر پوليس ته ڳوٺن جا ڳوٺ جيل ۾ واڙيندي آھي، هڪڙن کان پيسا  وٺي ڇڏيندا آھن ته وري ٻين کي خوني ڪيسن ۾ ڦاسائيندا آھن جنهنڪري ماڻھو تنگ ٿي ڍور ڍڳا کپائي به انهي خوني ڪيسن کان آجو ٿيڻ لاءِ ڳري رقم ڀريندا آھن ته متان ڪو ڪيس لڳي وڃي  جنهن سان پوليس جام ڪمائيندي آھي ۽ پوليس جي ڇاپن ۽ گرفتارين کان ماڻھو گهر خالي ڪري فرار ٿي ويندا آھن . ڏٺو وڃي ته سنڌ اڳ ۾ ئي بک، بدحالي، بيروزگاري،امن امان جي بدترين صورتحال ۽ معاشي بحرانن جهڙن بنيادي مسئلن ۾ ڦاٿل آھي ته وري ٻئي پاسي مذهبي انتها پسندي، دهشتگردي ملڪ کي بدترين صورتحال ڏانهن وٺي وڃي ٿو جنهن سان ملڪ بدترين صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آھي ويتر قبائلي جهيڙن ويڙها ويران ڪري ڇڏيا آھن ، جڏهن رياستي قانون ڪمزور ٿيندو آھي ۽ جلد انصاف نه ملندو آھي يا ڪنهن ڏوهاري کان پيسا وٺي ڇڏيو ويندو آھي ۽ جنهن ماڻھو سان ناانصافي ٿيل هجي۽ ان جو تدارڪ نه ٿئي ۽ ان کي انصاف نه ملي ته پوءِ هو مجبورن جهيڙا ڪن ٿا ۽ معمولي ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙا ٿين ٿا ته ڪڏهن زميني تڪرار ۽ انا پرستي ۾ جهيڙا ٿين ٿا ته ڪڏهن پاڻي جي وارن تي جهڳڙا ٿين ٿا ته ڪڏهن موبائل چوري تان جهيڙا قبائلي جهيڙن جو روپ اختيار ڪن ٿا ۽اهي جھيڙا ويڙھا ويران ڪري ڇڏين ٿا، اناپرستي تباهي جو سبب بڻجي ٿي، لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ بيدي  لاشاري ۾ زميني تڪرار تان ڪلهوڙا ۽ لاشاري برادري ۾جهيڙو شروع ٿيو جنهن سبب علائقو نو گوايريا بڻجي ويو ۽ ڌريون مورچابند هيون ۽ ڪيتريون ئي انساني جانيون قتل ٿي ويون ۽ علائقو جنگ جو ميدان بڻيل رهيو جڏهن ته جنگ جنگ آخر خير جڏهن ته اهڙا واقعا سنڌ جي گهوٽڪي، ڪشمور، قمبر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد ، دادو ۽ سنڌ جي ٻين شھرن ۾ خوني تڪرار معمولي ڳالهين تان شروع ٿين ٿا جنهن جو بنيادي سبب تعليم جو نه هجڻ به هڪ وڏو سبب آھي جنهن ڪري خوني تڪرار قبائلي جهيڙن جو رخ اختيار ڪن ٿا ۽ اهي جهيڙا ۽ نفرتون علائقي جو امن تباهه ڪن ٿا جنهن سان جاني ۽ مال نقصان ٿئي ٿو جنهن کان بچڻ لاءِ درگذر ڪرڻ ۽ برداشت به ڪرڻ گهرجي ۽ انا پرستي ۾ ايئن ويڙھا ويران نه ڪجن سنڌ حڪومت جي چونڊيل نمائندن کي اڻ ڌريو ڪردار نڀائڻ گهرجي ۽ قبائلي رخ اختيار ڪندڙ جهيڙي کي ختم ڪرڻ ۽ ڌرين ۾ ٺاهه ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن ۽ پوليس کي گهرجي ته انهي جهيڙي کي وڌڻ نه ڏئي ۽ قانوني طريقي سان شرپسند ۽ قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ته جيئن ڌرين کي وڌيڪ رتوڇاڻ ۽ خونريزي کان بچائي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو