فارين فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي کليل ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم

وانا (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فارن فنڊنگ ڪيس جي اوپن ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي، چئلينج ڪيان ٿو ته فارن فنڊنگ ڪيس ٽي وي تي لائيو ڏيکاريو وڃي، فارن فنڊنگ ڪيس ۾ پارٽي جي سربراهن کي ويهاري ٻڌو وڃي. اهڙو اظهار هن وزيرستان ۾ ڪامياب جوان پروگرام شروع ڪرڻ واري تقريب کي خطاب دوران ڪيو. هن موبائل فون جي ٿري جي ۽ فور جي سروس شروع ڪرڻ جو به اعلان ڪيو. هن چيو ته اڄ کان قبائلي علائقن ۾ 3 جي ۽ 4 جي سروس شروع ٿي ويندي. بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته سياسي فنڊ ريزنگ صرف تحريڪ انصاف ڪئي آهي، ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين طرفان موڪليل فنڊنگ سان ملڪ هلندو آهي. هن چيو آهي ته شوڪت خانم جي فنڊنگ سمنڊ پار پاڪستانين ڪئي، ان جي هنن کي خبر آهي ۽ مون کي به خبر آهي ته فارن فنڊنگ ڪهڙي آهي، ڪيترن ئي ملڪن اپوزيشن جماعتن کي پيسا ڏيندا رهيا، ان ملڪن سان لاڳاپا هجڻ ڪري نالا نٿو ٻڌائي سگهان. وزيراعظم جو چوڻ هو ته فارين فنڊنگ ڪيس اٿارڻ تي اپوزيشن جو ٿورائتو آهيان. ڏکڻ وزيرستان جي علائقي وانا ۾ ڪامياب جوان پروگرام جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته ڪوشش آهي ته پوئتي رهيل ماڻهن ۽ علائقن کي اڳيان کڻي اچون. جيڪي علائقا پوئتي رهجي ويا آهن انهن ۾ اسڪول ۽ ڪاليج کولينداسين. اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ميانوالي ۾ نمل يونيورسٽي قائم ڪئي هئي ڏکڻ وزيرستان ۾ به اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ٺاهينداسين.وزيراعظم چيو ته اسان جي سڀني کان وڏي طاقت نوجوان آهن ۽ جيڪڏهن سٺي تعليم ۽ فني تربيت ڏني وڃي ته اهي نه صرف پنهنجي خاندان پر ملڪ کي به مٿي کڻي ويندا. دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سڀني کان وڌيڪ تباهي هن علائقي ۾ ٿي. اسان جي پوري ڪوشش هوندي ته وزيرستان جي هر طرح سان مدد ڪئي وڃي. هتي نوجوانن کي سڀني کان وڌيڪ ضرورت روزگار جي آهي ايندڙ سال هتي جي نوجوانن کي وڌيڪ قرض ڏنا ويندا.وزيراعظم چيو ته ڏکڻ وزيرستان جا ماڻهو هميشه پاڪستان جي لاءِ بيٺل هوندا آهن. ڪيترن ماڻهن اها ڪوشش ڪئي ته قبائلي علائقا صوبن ۾ ضم نه ٿين. وقت ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هي قبائلي علائقن جي لاءِ بهترين فيصلو هو. اسان جو دشمن پوري ڪوشش ڪري رهيو آهي ته پاڪستان ۾ انتشار پکڙجي. بلوچستان ۽ وزيرستان ۾ انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڀارت پاڪستان ۾ انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ان جي لاءِ موبائل فون تي انٽرنيٽ سروس کي استعمال ڪيو پيو وڃي. مان فوج سان ڳالهيون ڪيون جنهن کان پوءِ اسان فيصلو ڪيو آهي ته هي سهوليت فراهم ڪئي ويندي. اڄ کان وزيرستان ۾ 3 جي ۽ 4 جي سهوليت کولي ويندي.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هي حڪومت اوهان جي حڪومت آهي. اسان جي پوري ڪوشش هوندي ته هن علائقي کي مٿي کنيو وڃي. وزيرستان ۾ 70 سيڪڙو ماڻهو غربت واري زندگي گذاري رهيا آهن. احساس پروگرام جي تحت غريب ماڻهن کي پئسا ڏنا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو