اليڪشن ڪميشن جو عمران خان جي حڪو مت کي ڌچڪو

تحرير الله وسايو گهوٽو

اليڪشن ڪميشن طرفان ٻهه وڏا اهم  اعلاان ٿيا آهن  هڪ طرف اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ جواب داخل ڪرايو آهي جيڪو حڪومت جي طرفان صدارتي ريفرنس موڪليو ويو هو ته سينيٽ  چونڊون خفيه راءِ شماري بجاءِ کليل طريقي سان ڪرايون وڃن ته جيئن حارث ٽريڊنگ کي روڪي سگهجي ان تي حڪومت سپريم ڪورٽ کان پڇيو هو ته ڇا اهو ڪم آئين ۾ ترميم کانپوءِ ممڪن آهي يا سمپل آرڊيننس جاري ڪري ان جو طريقيقار تبديل ڪري سگهجي ٿو ته ان نقطي تي معاملو   عدالت ۾ سمائت هيٺ آهي ۽ اليڪشن ڪميشن ان ۾ ڌر آهي اليڪشن ڪميشن ان ۾ جيڪو جواب داخل ڪرايو آهي ان ۾  انهن واضع طور لکيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 226 مطابق اهو آهي ته وزير اعظم ۽ وزير اعليٰ جي چونڊ کليل راءِ شماري سان ٿيڻ گهرجي ۽ ٻيون سڀ ڇونڊون خفيه طريقي سان ٿيڻ گهرجن ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته اليڪشن ڪميشن به حڪومت جي مو قف جي مخالفت ڪئي آهي جيڪو حڪومت لاءِ  هڪ وڏو ڌچڪو آهي . ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته جيئن پاڪستان تحريڪ انصاف کان فنڊنگ متعلق پڇا ٿي رهي آهي ايئن ئي پي ٽي آءِ  جي چوڻ تي اليڪشن ڪميشن پاڪستان پيپلز پارٽي مسلم ليگ ن ۽ ٻين سياسي پارٽين کان اليڪشن ڪميشن جواب طلب ڪيو آهي ته  انهن جي فنڊنگ جا ذريعيٰ ڪهڙا آهن. انهن کي فنڊنگ ڪٿان ٿا ڪيتري ٿي. پي ڊي ايم اعلان ڪيو آهي ته اهي اليڪشن ڪميشن جي اڳيان احتجاج ڪندا ان کان هڪ ڏينهن پهريان  اهو وڏو مزيدار قصو بڻجي ويو آهي ته  هڪ طرف حڪومت جي خلاف اها ڪاروائي ٿي رهي آهي ته ٻئي طرف اپوزيشن جي پارٽين جي خلاف به اليڪشن ڪميشن ڪاروائي شروع ڪري ڇڏي آهي حڪومت سان گڏو گڏ ٻن وڏين پارٽين کان به اليڪشن ڪميشن پڇي ورتو آهي هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اپوزيشن پارٽيون ڪهڙو جواب داخل ڪرائينديون آهن.سينيٽ اليڪشن متعلق حڪومت جيڪو ريفرنس سپريم ڪورٽ موڪليو هو  ان ۾ سپريم ڪورٽ اهو ئي چوندي ته آئين جي آرٽيڪل6229 جي مطابق سينيٽ اليڪشن خفيه ر اءِ شماري سان ٿيندي ۽ جيڪڏهن حڪو مت اهو طريقو تبديل ڪرڻ چاهي ٿي ته ان لاءِ آئيني ترميم ضروري آهي جيڪا حڪومت لاءِ ممڪن نه آهي  ڇاڪاڻ ته حڪومت وٽ ميجارٽي نه آهي حڪومت ته سادي اڪثريت سان قانون سازي به نه ڪري سگهندي آهي  حڪومت پارليا مينٽ کان ڀڄي رهي آهي حڪومت قانون سازي جي لاءِ اڄ تائين 18 آرڊيننس جاري ڪيا آهن. آرڊيننس ان وقت جاري ڪيا ويندا آهن جڏهن ملڪ ۾ ڪا آفت آئي هجي ايمرجنسي هجي پر اهڙين حالتن نه هجڻ جي باوجود حڪومت آرڊيننس ذريعي قانون سازي ڪري رهي آهي ان کي دنيا جو بدترين پارلياماني سسٽم چيو وڃي پيو .پاڻ کي گڊ گورننس جا دعويدار سڏرائيندڙ  بيڊ گورننس وارو طريقو اختيار ڪيو آهي . هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته سينيٽ ۾ ڇا ٿيندو سينيٽ ۾ پي پي جون سنڌ مان 7 سيٽون وڃي رهيون آهن ۽ سنڌ مان 11 مان 10 پي پي کٽي وٺندي ان  وجهه اها آهي هڪ ته پي ٽي آءِ جا ماڻهون پارٽي کان ناراض ويٺا آهن پهريون ڀيرو انهن کي موقعو مليو آهي اڳتي جي ڪا خبر نه آهي ٻيهير موقعو ملي يا نه ملي يا اڳين اليڪشن به وڙهڻي آهي ان جو خرچو به ڪڍڻو آهي ته اهي پي پي وارن سان رابطي ۾ آهن تحريڪ لبيڪ وارا به رابطي ۾ آهن ايم ڪيو ايم  وارا به رابطي ۾ آهن. پي پي هن ڀيري قمر زمان ڪائرا کي سنڌ مان منتخب ڪرائڻ چاهي ٿي رحمان ملڪ جي جاءِ تي ۽ رحمان ملڪ کي اهو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن تون ايم ڪيو ايم جا سڄا ووٽ وٺي سگهين ته پوءِ پي پي تو کي سيٽ ڪندي جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جا ووٽ نه وٺي سگهين ته پوءِ پي پي توهان کي سپورٽ نه ڪندي. قمر زمان ڪائرا پي پي سينٽرل پنجاب جو صدر آهي ان ڪري پي پي هن ڀيريان کي سينيٽر چونڊي. سنڌ ۾ 10  سيٽان پي پي کي مليديون شايد هڪ سيٽ پي ٽي آءِ کي ملي وڃي. خيبر پختونخواهه جي ڳالهه ڪجي ته اهو ته حارث ٽريڊنگ جو ڳڙهه آهي پوئين ڀيري به پي ٽي آءِ جا ڪيئي ماڻهون ويا جيڪڏهن خفيه راءِ شماري جو طريقو برقرار رهيو ته پي ٽي آءِ جا ڪيئي ميمبر ويندا ڇاڪاڻ ته انهن کي پنهنجو خرچو ڪڍڻو آهي نه انهن کي فنڊ مليا نه انهن کي ترقياتي ڪم مليا ته اهي پنهنجو خرچو ڪٿان ڪڍندا معيشت جا حالات خراب آهن ۽  قرضن تي ملڪ هلي رهيو آهي ان مان اهو ظاهر آهي ته اهي ماڻهون ڪيڏانهن ويندا ان سڄي صورتحال کي ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو ته سڀ کان گهٽ سيٽان پي ٽي آءِ کي ملنديون ۽ اهو پي ٽي آءِ لاءِ وڏو ڌچڪو آهي اهڙي طرح پنجاب کي ڏٺو وڃي ته اتي به پي پي مسلم ليگ ن ۽ مسلم ليگ ق کٽيديون  ۽ پي ٽي آ ءِ جا ماڻهون به انهن جمائتن سان رابطي ۾ آهن پنجاب  ۾ پي ٽي آءِ جي جيتري اسٽرينٿ آهي اهو دعويٰ سان چئي سگهجي ٿو ته پنجاب ۾ پي ٽي آءِ کي ايتريون سيٽون نه ملنديون پي ٽي آءِ جا ماڻهون مسلم ليگ ن سان رابطا ڪري رهيا آهن پي پي به ڪجهه ماڻهن سان رابطي ۾ آهي پي پي جي ڪوشش آهي ته گهٽ ۾ گھٽ هڪ سيٽ پنجاب مان هڪ کڻي ليڪن مسلم ليگ ن جي سپورٽ بغير اهو به ممڪن نه آهي اهڙي طرح بلو چستان ۾ به ووٽ وڪتو ويندو آهي اها سڀن کي خبر آ هي. هن ڀيري سينيٽ چونڊن ۾ ٺيڪ ٺاڪ واڪ لڳندو ڪراچي ۾ ته 3 ڪروڙ واڪ لڳي چڪو آهي ۽ سنڌ اندر گهڻن ماڻهن ته ڳالهه فائنل به ڪري ڇڏي آهي. ايندڙ سينيٽ اليڪشن  ۾ رڪارڊ حارث ٽريڊنگ ٿيندي ۽ پي ٽي آءِ حڪومت کي وڏو ڏچڪو لڳندو ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ کي پنهنجا ماڻهون به سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽ نه ڏيندا ۽ هڪ مختلف ماحول ڏسڻ ۾ ايندو. اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ سان گڏو گڏ پي پي ۽ مسلم ليگ کان به فنڊن متعلق رپورٽ طلب ڪئي آهي تنهنڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته پي پي ۽ مسلم ليگ ن لاءِ هڪ نئين مصيبت کڙي ٿي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته زياده ماڻهون فنڊنگ لڪائيندا آهن هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اليڪشن ڪميشن ميرٽ تي فيصلو ڪري ٿي يا شفارش تي فيصلوڪري ٿي پي تي آءِ ته خود تسليم ڪري چڪي آهي ته هنن غير قانوني فنڊنگ ورتي هئي ان ۾ عمران خان عارف علوي عمران اسمائيل ۽ اعليٰ اڳواڻڻ جا جا نالا آهن ان ۾ اهي سارا ملوث آهن هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اليڪشن ڪميشن غير جانبدار ٿئي ٿي يا نه اهو اليڪشن ڪميشن جي ساک جو به مسئلو آهي هيءَ معلومات سينئر صحافي اعجاز مهرجي ويلاگ مان ورتي وئي آهي     

پهنجو تبصرو موڪليو