انتظامي نااهلي سبب شهر ۾گندگي پاڻي بيٺل شهري عذاب ۾ مبتلا

مورو (ن سنڌيار) مورو ميونسپل ڪاميٽي انتظاميا ۽ پبلڪ ھيلٿ انتظاميا جي لاپرواهي ۽ مين ڊسپوزل مشينون نه ھلائڻ سبب بخاري محلي ۽ ملاح چوڪ سميت ٻين پاڙن جا گٽر نالا اٿلي پيا گندو پاڻي تلائن ۾ بيھي ويو ۽ گندو پاڻي گھرن دڪانن ۾ پڻ ڪاھي پيو، جنھن جي شڪايت ڪرڻ باوجود انتظاميه ڪو نوٽيس نه ورتو، اھڙي عمل خلاف رھواسين پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.جنھن جي اڳواڻي فرمان مستوئي، شاھد عباسي، زين مستوئي، قبول ڀٽي، شمن ڀٽي، علي گل ابڙو، رزاق ابڙو ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا، جتي ھنن چيو ته اسان جي بخاري محلي ۽ ملاح چونڪ وٽ اھو سلسلو ڪافي وقت کان ھلندڙ آھي، جنھن سبب اسان سخت تڪليف کي منھن ڏيڻ تي مجبور آھيون.ميونسپل ڪاميٽي ۽ پبلڪ ھيلٿ کاتي جي بي ڌياني ۽ ملي ڀڳت سبب اھڙي صورتحال رھي ٿي ڇاڪاڻ ته ھتي مين ڊسپوزل ھجڻ باوجود ان جي مشينري نه ٿي ھلائي وڃي، جنھن جي شڪايت اسسٽنٽ ڪمشنر، سي ايم او سميت سڀني وس وارن کي ڪئي آھي پر ڪو تدارڪ ناھي ڪيو ويو، جنھن ڪري گٽرن جو گندو پاڻي ڪالوني، محلن، گھٽين ۽ ھن وقت گھرن دڪانن ۽ داخل ٿي ويو آھي.ھنن چيو ته اسان وڏي عذاب ۾ مبتلا آھيون، گندگي ۽ گٽرن جي گندي پاڻي سبب معصوم ٻار، عورتون مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن پر انتظاميه ڪو تدارڪ ڪرڻ جي لاءِ تيار ناھي، ھنن چيو ته آخر اسان مورو شھر جي شھرين ڪھڙو ڏوهه ڪيو آھي جو اسان کي گندگي جي ڍيرن ۽ گٽرن نالن جي گندي پاڻي جي لپيٽ ۾ آندو ويو آھي، جڏھن ته ڪروڙين رپيا بجيٽ اچڻ باوجود ڪو ڪم ناھي ٿي رھيو نه ڪيو پيو وڃي.ھنن سنڌ حڪومت، مڪاني کاتي جي اعليٰ آفيسرن،ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته بيٺل پاڻي نيڪال ڪرائي ذميوارن خلاف قدم کنيو وڃي، ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو