ميهڙ واقعي جي شھيدن جي ٽين ورسي ريلي

ميهڙ(ن سنڌيار) ھٿياربندن هٿان قتل ٿيل يوسي ٻليدائي چيئرمين رئيس ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن تمندار ڪائونسل جي چيئرمين رئيس مختيار چانڊيو ۽ ضلعي ڪائونسل دادو جي ميمبر قابل چانڊيو جي قتل کي 3 سال مڪمل ٿي پيا.ميهڙ واقعي جي ٽنهي شھيدن جي اڄ ٽئين ورسي ملهائي پئي وڃي، ٽنهي شھيدن جي وارث ام رباب چانڊيو جي اڳواڻي ۾ چانڊيا تمندار هائوس کان گهنٽا گهر چونڪ تائين ريلي ڪڍي ويئي ۽ شھيدن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ رت جا ڏيئا ٻاريا ويا.ان موقعي تي اُم رباب چيو ته 3 سال گذري وڃڻ جي باوجود به اڃا تائين اسان کي انصاف ناهي ملي سگهيو.هن وڌيڪ چيو ته جيستائين پنهنجي والد، ڏاڏي ۽ چاچي جي خون سان انصاف نه ٿيندو تيستائين سرداري نظام خلاف جنگ جاري رکي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو